26 جمعرات , اپریل 2018

ملڪ کي مصيبت کان بچائڻ ۽ نظام درست ڪرڻ لاءِ عمران خان ضروري آهي: پرويز خٽڪ

هنگو (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير پرويز خٽڪ چيو آهي ته امير ۽ غريب ۾ فرق ختم ڪرڻ اسان جو مشن آهي، اسان جي حڪومت تعليم ۾ امير ۽ غريب جو فرق ختم ڪيو. هنگو ۾ جلسي کي خطاب ڪندي پرويز خٽڪ چيو ته اي اين پي ۽ جي يو آءِ حڪومتن صوبي لاءِ ڪجهه نه ڪيو، عوام سان دوکو ڪندڙ سياستدان معافي جي لائق ناهن. هن چيو ته اسان جي حڪومت کان اڳ دهشتگردي ۽ اغوا جون وارداتون عام هيون، پوليس ۾ ڪرپشن هئي، تعليم، صحت ۽ سمورو انفرا اسٽرڪچر تباهه هو، اسان اقتدار ۾ اچي نظام درست ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. سندس چوڻ هو ته ملڪ کي مصيبت کان بچائڻ ۽ نظام درست ڪرڻ لاءِ عمران خان ضروري آهي، پي ٽي آءِ جو ڪو مقابلو ناهي، ايندڙ وزيراعظم عمران خان کي هوندو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوام هاڻي خواجه آصف جي پاڇي کي به ووٽ ڏيندو: مريم نواز

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن اڳواڻ مريم نواز چيو آهي ته عوام …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے