26 جمعرات , اپریل 2018

پاڪستان ۾ دهشتگرد گروپ جو ڪو وجود ناهي، ڀارت ذميوار ملڪ جو رويو اختيار ڪري: آءِ ايس پي آر

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور چيو آهي ته پاڪستان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ وڏي قيمت ادا ڪئي، ملڪ ۾ دهشتگرد گروپ جو ڪو وجود ناهي، اسان 75 هزار کان وڌيڪ جانين جو نذرانو پيش ڪيو آهي. گلف نيوز کي انٽرويو ڏيندي ميجر جنرل آصف غفور جو چوڻ هو ته اسان ڀارت سان ڪشمير مسئلي سميت سمورن معاملن تي ڳالهين ذريعي حل چاهيون ٿا، ملڪ ۾ ڪنهن به دهشتگرد گروپ جو ڪو وجود ناهي، دهشتگردن جي خاتمي ۾ خطي کي 123 ارب ڊالرن کان وڌيڪ معاشي نقصان ٿيو. هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ڪاميابي سان وڙهي، افغانستان ۾ القاعدا خلاف آمريڪي آپريشن سان پاڪستان ۾ دهشتگردي پکڙي پر هاڻ خطي ۾ دهشتگرد گروپ جو ڪو وجود ناهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته آپريشن ردالفساد سان وڏي ڪاميابي ملي، منظم فوجي آپريشن ڪري حقاني نيٽ ورڪ سميت سڀني دهشتگرد گروپن جا ٺڪاڻا ختم ڪياسين، ماضي ۾ افغان سرحد تان اڍائي هزار کان وڌيڪ دهشتگرد پاڪستان داخل ٿيا. سندس چوڻ هو ته دهشتگردي خلاف حاصل ڪاميابين جي تحفظ لاءِ پاڪ – افغان بارڊر تي خاردار تارون لڳايون پيون وڃن، جڏهن ته دهشتگردن جي اچ وڃ روڪڻ لاءِ چوڪيون به ٺاهيون پيون وڃن. هن ٻڌايو ته افغانستان ۾ موجود خطرن کي نظر ۾ رکندي سرحد تي دستا مقرر رهندا، 27 لک افغان پناهگيرن جي عزت سان افغانستان واپسي ضروري آهي. ميجر جنرل آصف غفور چيو پاڪ – ڀارت لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ لاءِ ڪشمير مسئلي جو حل ضروري آهي، ڀارت کي ذميوار ملڪ جو رويو اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوام هاڻي خواجه آصف جي پاڇي کي به ووٽ ڏيندو: مريم نواز

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن اڳواڻ مريم نواز چيو آهي ته عوام …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے