21 ہفتہ , اپریل 2018

مئل ڪنوار 27 هزار ڊالرن ۾ وڪامي وئي!

Dead Gromبيجنگ (ع آ نيوز) چين جي صوبي شين زي جي ڳوٺاڻي علائقي ۾ هڪ روايت آهي ته جيڪڏهن ڪا ڪنواري ڇوڪري يا ڇوڪرو مري وڃي ته موت کان پوءِ ان جي شادي ڪئي ويندي آهي، ان روايت تهت صوبي ۾ ڪيترن ئي نوجوانن جون مرڻ کان پوءِ شاديون ڪرايون وينديون آهن، گذريل ڏينهن هڪ اهڙي ئي شاديءَ جي تقريب نظر آئي. چيني اخبارن جي هڪ رپروٽ موجب هڪ نوجوان ڇوڪري جيڪو ڪجھه وقت اڳ فوت ٿيو هو، سندس والدين ان جي مرڻ کان پوءِ شادي ڪرائڻ پي چاهي ان جي لاءِ ڪنوار جي ڳولا ڪئي وئي. ڪجھه وقت اڳ ان ئي علائقي ۾ هڪ ڪنواري ڇوڪري پڻ فوت ٿي وئي آهي ۽ ان ڇوڪري جي والدين ان ڇوڪريءَ جو مڙهه 27 هزار ڊالرن ۾ خريد ڪيو ۽ پنهنجي مرحوم پٽ سان ان مئل ڇوڪريءَ جي شادي ڪرائي ڇڏي. رپورٽ موجب دلچسپ ڳالهه اها ته ان علائقي ۾ جيڪڏهن ڪا ڪنواري ڇوڪري گذاري وڇي ته ان جي مناسب انداز ۾ تدفين جي اجازت ناهي ڏني ويندي جيستائين ان ڇوڪريءَ جي ڪنهن ڪنواري ”مُڙدي“ سان شادي نه ڪرائي وڃي. اهائي ”حلت“ ڪنوارو مرندڙ نوجوانن سان پڻ ٿيندي آهي. انهن کي دفن ته ڪيو ويندو آهي پر ان سندن والدين جي سدائين ڪوشش هوندي آهي ته هو پنهنجي پٽ جي لاءِ ڪا ڪُنوار ڳولين. کين جيئن کي ڪا ڪنواري مئل ڇوڪريءَ جو ڏس پَتو ملندو آهي هُو اتي پهچي ويندا آهن ۽ ان کي پنهنجي نُنهن بڻائين جي خواهش جو اظهار ڪندا آهن، ان جي لاءِ هو چڱو ڀلو پئسو به خرچ ڪرڻ جي لاءِ تيار هوندا آهن.3636

هي به ڏسي سگهو ٿا

فرانسيسي عدالت مڙد آفيسر سان هٿ ملائڻ نه ملائڻ تي مسلم عورت کي شهريت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

پيرس(ويب ڊيسڪ) فرانس جي اعليٰ انتظامي عدالت مرد آفيسر سان هٿ ملائڻ کان انڪار ڪندڙ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے