22 آچر , جولاءِ 2018

برطانيا جو روس تي زهريلو مادو گڏ ڪرڻ جو الزام

لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانيا الزام هڻندي چيو آهي ته روس زهريلي مادي جا ذخيرا ٺاهي رهيو آهي، جنهن جي استعمال سان تازو اڳوڻي روسي ڊبل ايجنٽ تي حملو ڪيو ويو. برطانوي پرڏيهي وزير بورس جانسن هڪ خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي چيو ته اسان وٽ اهڙيون شاهديون آهن، جن مان ثابت ٿئي ٿو ته روس گذريل 10 ورهين کان نه رڳو “نوويچوڪ” نالي ان زهريلي مادي کي حاصل ڪرڻ جو طريقي ڪار ڳولي رهيو آهي پر ان جو ذخيرو به ڪري رهيو آهي. واضح رهي ته ٻٽي ايجنٽ سرگئي سڪريپل ۽ سندس ڌيءُ زوليا تي ڪيميائي حملي جي جاچ لاءِ ڪيميائي هٿيارن جي واچ ڊاگ جو اهلڪار سڀاڻي برطانيا پهچي رهيو آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

چونڊن کان اڳ ڌانڌلي: سيوهڻ ۾ پوسٽل بيلٽ جي ذريعي ٺپا مافيا سرگرم، هڪ ڄڻو گرفتار

سيوهڻ(ويب ڊيسڪ) چونڊ 2018 کان اڳ وڏي ڌانڌلي جي خبر اچي وئي آهي، سيوهڻ ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے