26 جمعرات , اپریل 2018

ڪپتان جي سياست ۾ اچڻ سان شرافت ختم ٿي وئي آهي: اسفند يار ولي

نوشهرا (ويب ڊيسڪ) عوامي نيشنل پارٽي جي سربراهه اسفند يار ولي چيو آهي ته سياست ۽ شرافت ڪپتان جي ڀرسان ناهي گذري، عمران خان جي سياست ۾ اچڻ سان شرافت ختم ٿي وئي آهي. نوشهرا ۾ جلسي کي خطاب ڪندي اسفند يار ولي چيو ته سينيٽ چونڊون ته ٿي ويون پر عام چونڊون شفاف ٿيڻ گهرجن، جيڪڏهن ائين ٿيو ته خيبر پختونخواهه ۾ اي اين پي جي حڪومت ايندي، صوبي ۾ اسان جي ڪنهن به ميمبر خلاف نيب جي جاچ نه ٿي رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان جو امن هڪٻئي سان سلهاڙيل آهي، ڪا غلط فهمي آهي ته ٻئي ملڪ گڏ ويهي معاملا حل ڪن.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوام هاڻي خواجه آصف جي پاڇي کي به ووٽ ڏيندو: مريم نواز

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن اڳواڻ مريم نواز چيو آهي ته عوام …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے