26 جمعرات , اپریل 2018

سازشي بي نقاب ٿي ويا، ڪهڙي منهن سان ووٽ وٺندا: مريم نواز

سانگلا هل (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ڌيءُ مريم نواز چيو آهي ته نواز شريف جي سڀ کان وڏي فتح اها آهي ته جڏهن فيصلي جو وقت اچڻ ۾ ڪجهه هفتا وڃي بچيا آهن ته سازشي مهرن عوام جو فيصلو آسان بڻائي ڇڏيو آهي، سازشين جا چهرا بي نقاب ٿي ويا، هاڻ عوام اڳيان ڪهڙو منهن کڻي ووٽ وٺڻ ويندا. سانگلا هل ۾ جلسي کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته جن نواز شريف کي هارائڻ جي ڪوشش ڪئي، انهن کي ٻڌائي ڇڏيو ته نواز شريف هارايو نه پر کٽيو آهي، عمران ۽ زرداري ڀائر آهن، جيڪو ووٽ عمران کي ڏيندئو اهو زرداري کي ڏنو ويندو ۽ جيڪو ووٽ زرداري کي ملندو اهو عمران خان ڏانهن ويندو، انهن ٻنهي جو نظريو ساڳيو آهي، نواز شريف جي خوف کان هڪٻئي کي ڦورو چوندڙ هاڻ هٿ ملائي رهيا آهن، اها نواز شريف جي نظرئي جي ڪاميابي آهي. هن چيو ته نواز شريف کي سزا اڳ ۾ ملي ۽ هاڻ ڪيس هلي رهيو آهي، اهڙي ناانصافي تي عوام آواز اٿاريو، جنهن تي کين سلام پيش ڪيان ٿي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوام هاڻي خواجه آصف جي پاڇي کي به ووٽ ڏيندو: مريم نواز

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن اڳواڻ مريم نواز چيو آهي ته عوام …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے