24 سومر , سيپٽمبر 2018

پيپلز پارٽي اڳواڻ آخونزاده چٽان جي گهر تي راڪيٽ حملو

باجوڙ ( ويب ڊيسڪ ) باجوڙ ايجنسي ۾ پ پ اڳواڻ آخونزاده چٽان جي گهر تي راڪيٽ حملو ٿيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ ڪو به نقصان نه ٿيو آهي. ذريعن موجب پ پ جي صوبائي نائب صدر آخونزاده چٽان جي گهر تي رات دير سان راڪيٽ حملو ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ سندس گهر کي جزوي نقصان پهتو خوشقسمتي سان ڪو به نقصان نه ٿيو آهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري آخونزاده چٽان جي گهر تي حملي جي مذمت ڪئي آهي. بلاول ڀٽو زرداري هڪ بيان ۾ چيو ته جيالن کي ڪوڙن، گولي، بمن ۽ ميزائلن سان ڊيڄاري نه ٿو سگهجي، آخونزاده چٽان فاٽا جي عوام لاءِ وڙهندو رهندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

تڪراري انٽرويو: نواز شريف هاءِ ڪورٽ طلب، سرل الميڊا جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ جو حڪم

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) لاهور هاءِ ڪورٽ تڪراري انٽرويو ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے