25 بدھ , اپریل 2018

سنڌين جي حقن جي مالڪي جو سوال

 

ملڪ جي شهرين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪندڙ ادارو ”نادرا“ خبر ناهي ته ڪنهن جي مرضي، منشا ۽ اشارن تي هلي رهيو آهي، جو پاڻ مرادو فيصلا ڪري ۽ پاليسيون جوڙي ملڪ جي اصلوڪن شهرين لاءِ سخت پاليسيون جوڙي ۽ ڌارين غير ملڪي ماڻهن کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ لاءِ ڪنهن به سرڪاري سرٽيفڪيٽ جمع ڪرائڻ ۽ ملڪ جو شهري هجڻ جو ثبوت پيش ڪرڻ کانسواءِ سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري رهيو آهي.

سڄي ملڪ ۾ سڃاڻپ ڪارڊ حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته هو جنهن به صوبي، ضلعي تعلقي ۽ يوسي جو رهواسي آهي ان يوسيءَ مان پنهنجو رهائشي سرٽيفڪيٽ حاصل ڪري نادرا وٽ جمع ڪرائي، ان کان پوءِ پنهنجي پيءُ ۽ ماءُ جي سڃاڻپ ڪارڊ جو خانداني نمبر داخل ڪرائي پنهنجي والد سان گڏ اچي نادرا آفيس ۾ تصديق ڪرائي ۽ پنهنجي والد جا فنگر پرنٽس ۽ تازا فوٽو نادرا ۾ جمع ڪرائي. ان کان پوءِ گهربل قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ کان پوءِ کيس ملڪ جو سڃاڻپ ڪارڊ جاري ٿي سگهندو آهي. هتي ڄاڻايل پاليسي کي نظرانداز ڪري نادرا چيئرمين ڪراچيءَ جي ميئر سان ملي ڀڳت ڪري ڪراچيءَ لاءِ ڌار پاليسي جوڙي پنهنجي ماتحت عملي کي حڪم جاري ڪيا آهن ته بنا ڪنهن پڇا ڳاڇا ۽ اعتراض جي ڪراچيءَ ۾ رهندڙ ڌارين ماڻهن کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪيا وڃن. ان ڏس ۾ ڪراچي جو ميئر غيرقانوني طور سنڌ ۾ رهندڙ ڌارين برمين، بنگالين، بهارين ۽ روهنگين سميت لکين ڌارين کي ڪراچيءَ جو رهواسي ڄاڻائي انهن کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرائڻ واري سازش ۾ نادرا چيئرمين سان ٻِٽ نظر اچي رهيو آهي.

ان ڏس ۾ ڪراچيءَ جي ميئر ڪراچي ۾ غيرقانوني طور تي رهندڙ لکين بنگالين، برمين، بهارين، روهنگين کي بلديا ٽائون ۾ زمين ليز تي ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. جنهن جو سنڌ سرڪار تڪڙو نوٽيس وٺندي ڪراچيءَ جي ميونسپل ڪمشنر کي هدايت ڪئي آهي ته ميونسپل جي زمين غيرقانوني طور ڪراچيءَ ۾ رهندڙ ڌارين  ماڻهن کي ليز تي ڏيڻ واري عمل کي روڪيو وڃي. ڪراچي جي ميئر کي اهو اختيار نٿو ڏئي سگهجي ته هو سنڌ جي زمين ڌارين ماڻهن کي ليز تي ڏئي.

ڪراچي جي اڳوڻي ميئر 2010ع ۾ مها ٻوڏ جي متاثر سنڌ واسين کي اهڙي سهولت ڏيڻ ته پري جي ڳالهه پر سندس پارٽي ٻوڏ متاثرن کي ڪراچيءَ ۾ آباد ڪرڻ واري معاملي تي  امن امان جي صورتحال خراب ٿيڻ جو انديشو ڏيکاري کين ڪراچيءَ ۾ آباد ڪرڻ جي مخالف ڪئي هئي، ڪراچيءَ تي قبضي وارين سازشن ۾ هڪ لساني گروهه گذريل 71 سالن کان پنهنجي سازشن جا ڄار وڇائيندو، ڌارين کي آباد ڪرائيندو رهيو آهي. جنهن خلاف سنڌ جي ماڻهو هر موقعي ۽ مهل تي ڀرپور احتجاج ڪندي خدشو ڏيکاريندو رهيو آهي ته ڌارين جي آبادڪاري سنڌ جي اصلوڪن رهواسين کي ٿورائي ۾ تبديل ڪري ووٽ جي گهڻائي جي طاقت سان سنڌ جي حڪمرانيءَ واري حق تي ڌاڙو هڻڻ برابر آهي. ان ڏس ۾ گذريل 71 سالن کان سنڌ خلاف ٿيندڙ سازشون تاريخ جو حصو رهيون آهن. سنڌي ٻوليءَ جو معاملو هجي يا مڪاني ادارن جي ٻٽي نظام وارو معاملو، سازشن جا ڄار وڇائيندڙ مڪروهه مهانڊا چٽا ۽ پڌرا ٿيندا رهيا آهن.

2010ع کان 2013ع تائين ”ڪراچي بدامني ڪيس“ جي ٻڌڻي ڪندڙ سپريم ڪورٽ جي فل بينچ جنهن جو سربراهه ان وقت جي سپريم ڪورٽ جو  چيف جسٽس هو، ان طرفان جاري ڪيل ججمينٽ تاريخ جو حصو آهي ۽ ان ۾ ڄاڻايل آهي ته ڪراچيءَ ۾ 30 لکن کان وڌيڪ غيرقانوني ۽ غيرملڪي ماڻهو آباد آهن، جيڪي ڪراچيءَ جي امن امان جي صورتحال خراب ڪرڻ جا ذميوار آهن. انهن غيرقانوني ڌارين ماڻهن کي شهر مان ٻاهر منتقل ڪري کين ڪيمپن ۾ رهايو وڃي ۽ بعد ۾ انهن کي پنهنجن ملڪن ڏانهن موڪليو وڃي پر افسوس جو سپريم ڪورٽ جي ان فيصلي کي پٺي ڏئي ڪراچيءَ جو ميئر ڌارين ماڻهن کي سنڌ جي سرڪاري زمين جيڪا ڪي ايم سي کي ”زولاجيڪل گارڊن قائم ڪرڻ لاءِ“ ڏني وئي آهي، اها زمين ڌارين کي ليز تي ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. ميئر ڪراچي سپريم ڪورٽ جي ڏنل فيصلي جي ڀڃ ڪڙي ڪري ”توهين عدالت“ جو  جوابدار بڻيو آهي ۽ نادرا چيئرمين سموري ملڪ لاءِ جڙيل پاليسيءَ کي باءِ پاس ڪندي ڪراچيءَ شهر لاءِ ڌار پاليسي جوڙي ڌارين کي قومي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ جا حڪم جاري ڪندي، سپريم ڪورٽ جي ڏنل فيصلي خلاف عمل ڪندي ”توهين عدالت“ جو جوابدار بڻيو آهي. سپريم ڪورٽ کي پنهنجي ڏنل ان فيصلي تي عمل ڪرائڻ لاءِ تڪڙو نوٽيس وٺي ڄاڻايل نادرا چيئرمين ۽ ڪراچي جي ميئر کان پڇاڻو ڪري ته هو اهڙا ملڪ دشمن ڪم ڪنهن جي چوڻ ۽ هدايت تي ڪري رهيا آهن.

اسان سنڌ سرڪار جي ترت نوٽيس وٺڻ واري عمل جي واکاڻ ڪندي کين عرض ۽ گذارش ڪنداسين ته هي معاملو انتهائي حساس نوعيت جو آهي جنهن کي بهتر انداز سان نبيريندي ڄاڻايل ڌرين کان پڇاڻي لاءِ ڪو قانوني دڳ/ پيچرو ڳولي کين اهڙين سازشن کان باز رکڻ ۽ مٿن مسلسل نگاهه رکڻ گهرجي. هن موقعي تي سنڌ سرڪار کي نادرا چيئرمين جي ڳجهين سرگرمين جو پڻ نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ سندس ذاتي پاليسي هيٺ ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري نه ڪندڙ هٽايل ”نادرا عملي“ کي بحال ڪرڻ لاءِ پڻ تحرڪ ورتو وڃي، ڇاڪاڻ جو اها سنڌ سرڪار جي قانوني ذميواري آهي ته هو سنڌ جي زمين ۽ قومي سڃاڻپ کي برقرار رکڻ لاءِ پنهنجا سمورا وسيلا ۽ اختيار ڪتب آڻي پنهنجون قانوني ۽ اخلاقي ذميواريون نڀائي.

اسان جي اها به گذارش هوندي ته سنڌ جي مڙني ادارن ۾ ڪم ڪندڙ سنڌ جي خيرخواهن کي پڻ ان ڏس ۾ پنهنجو قومي فرض نڀائڻ گهرجي ۽ ادارن جي اندر سنڌ خلاف ٿيندڙ سازشن کي وائکو ڪرڻ ۽ انهن سازشن خلاف مزاحمت ڪري پنهنجون قومي ذميواريون نڀائن گهرجن. ڇاڪاڻ جو سنڌين کي ٿورائي ۾ تبديل ڪرڻ جون رٿائون ڊگهي عرصي کان جاري آهن ۽ اهڙن سازشي رٿائن جون انت آڻڻ لاءِ سنڌ جي سڄڻن ۽ گهڻ گهرن کي ٻڌي ۽ ايڪي جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي ۽ سنڌ جي قومي مفادن کي مٿاهون ڄاڻندي، انهن جي حل لاءِ هڪ سگهارو آواز بڻجي سامهون اچڻ گهرجي ۽ کين سنڌ جو مان مٿانهون ڪرڻ گهرجي.

آچر 18 مارچ  2018ع، 29 جمادي الثاني 1439 هه

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ جي وڏي وزير کي ڪجهه گذارشون

پاڪستان هڪ وفاقي ملڪ هجڻ جي حيثيت ۾ ستر سالن جي تاريخي ڄمار ۾ جيڪي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے