26 جمعرات , اپریل 2018

پرويز مشرف انٽرپول ذريعي گرفتار ٿيندو يا نه؟؟؟

گل  مورو

                         11 سالن تائين ڏنڊي جي زور تي ملڪي عوام مٿان حڪمراني ڪندڙ ۽ هر وقت عوام کي مُڪو ڏيکاريندڙ پرويز مشرف جي خلاف نيٺ ملڪي خاص عدالت سنگين غداري ڪيس ۾ انٽرپول ذريعي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي ۽ سندس سڃاڻپ ڪارڊ، پاسپورٽ کان ويندي سموري ملڪيت به ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏيندي اهو چيو آهي ته عدالت ۾ مفرور پرويز مشرف هن وقت دبئي ۾ عربن جي آماجگاهه ۾ موجود آهي پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات وچ ۾ جوابدارن جي مٽاسٽا جو معاهدو ٿيل آهي ان تحت فوري طور پرويز مشرف کي گرفتار ڪيو وڃي.

جڏهن ته حڪومت کي به اهو چيو ويو آهي ته فوري طور تي پرويز مشرف خلاف قدم کنيو وڃي. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته هن عدالتي فيصلي کان پوءِ پرويز مشرف جي غداري واري ڪيس ۾ انٽرپول ذريعي گرفتاري ٿي سگهي ٿي يا نه ڇو ته جڏهن صدارتي دور ۾ کيس گارڊ آف آنر ڏئي رخصت ڪيو ويو هو ته ان کان پوءِ گرفتار ٿيڻ واري مرحلي کان پوءِ تڙ تڪڙ ۾ ميان نوازشريف پنهنجي حڪومت کي ڊانواڊول ڪرڻ بجاءِ ان مان هٿ ئي ڪڍي ڇڏيا هئا ۽ اها سڄي ان وقت مفاهمت واري پاليسي هئي جنهن تحت کيس ملڪ کان ٻاهر اوچتو ئي اوچتو روانو ڪيو ويو. اهو به ان بهاني جو عدالت ۾ پهچڻ کان اڳ ئي رستي ۾ پرويز مشرف ساهه ٻوساٽجڻ ڪري بيهوشي جو بهانو ڪيو هو ۽ ان بهاني تحت کيس عدالت ۾ پهچائڻ بجاءِ انهيءَ ايمبولنس کي اسپتال جو اشارو ڪيو ويو ۽ اتي وڃي کيس اي سي واري ٿڌي ڪمري ۾ رکيو ويو ۽ ان کان پوءِ چند ڏينهن ۾ سندس سار سنڀال لهڻ کان پوءِ با حفاظت عربن جي آماجگاهه تائين پهچايو ويو ائين جيئن ميان نوازشريف کي سندس دور ۾ عربن جي حوالي ڪيو ويو هو.

هاڻي ڏسڻو رڳي اهو آهي ته هن عدالتي فيصلي کان پوءِ پرويز مشرف انٽرپول ذريعي گرفتار ٿئي ٿو يا نه ڇو ته هن کان اڳي به کوڙ سارا ڏوهاري ماڻهو جن ۾ عزير بلوچ کان وٺي صولت مرزا سميت ٻين ڪيترن کي پرڏيهه مان گرفتار ڪري ملڪي عدالتن ۾ پيش ڪيو ويو هو سو ائين ڏسجي ته پرويز مشرف هن حڪم تحت هڪ هفتي اندر گرفتار ٿي سگهي ٿو يا نه ڇو ته پرويز مشرف پاران هن عدالتي فيصلي اچڻ کان پوءِ ان جي رد عمل ۾ ڏيهه واپسي جو اعلان ڪندي چيو ويو آهي ته دفاعي وزارت کان ڦل پروف سيڪيورٽي ڏني وڃي ۽ ان دفاعي وزارت کي اهڙي درخواست به ڏئي ڇڏي آهي ته سيڪيورٽي خدشا آهن.

اهڙي درخواست سندس وڪيل معرفت عدالت ۾ پيش ڪئي وئي آهي. ان حوالي سان گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته حڪومت مشرف جي گرفتاري لاءِ ادارن کي ڪارروائي ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي خاص عدالت پرويز مشرف جي گرفتاري لاءِ هڪ هفتي جي مهلت ڏني آهي جيڪڏهن مشرف هڪ هفتي اندر پاڪستان نه آيو ته عدالت جي فيصلي تي عمل ڪيو ويندو ۽ مون کي اميد آهي ته مشرف نوازشريف وانگي عدالت ۾ پيش ٿيندو.

سو ڏسڻو اهو آهي ته پرويز مشرف هن خاص عدالت ۾ پاڻ پيش ٿئي ٿو يا نه يا وري کيس انٽرپول ذريعي گرفتاري وارو عمل ڪيو وڃي ٿو پر لڳي ائين ٿو ته پرويز مشرف جي خاص عدالت واري فيصلي جي پٺيان به ڪا نئين حڪمت عملي نظر اچي پئي ڇو ته اڳي ئي هن سينيٽ واري چونڊن کان اهو چيو پئي ويو ته سينيٽ جون چونڊون ٿيڻ کان پوءِ کوڙ ساريون نيون ڳالهيون منظرعام تي اچڻ واريون آهن ان جو منظرنامون تجزئي نگار اهو بيان پيا ڪن ته جهڙي ريت ملڪي اداري سينيٽ ۾ هڪ نامعلوم چهرو سينيٽ چيئرمين اوچتو ئي اوچتو پکين جي پرواز جيان اڏامي نروار ٿيو آهي ائين ئي اپريل ڦول واري مهيني ۾ اپريل ڦول به ٿيڻو آهي جو نگران حڪومت جي سيٽ اپ جي حوالي سان هن وقت کان ئي ڳالهيون شروع ٿي ويون آهن ۽ ان پٺيان به نوان قصا ۽ نيون ڪهاڻيون نروار ٿيندي نظر اچن پيون ۽ اهو پڻ چيو پيو وڃي ته نگران حڪومت وارو مامرو به حڪومت ۽ اپوزيشن جي ٽڪراءُ سبب اليڪشن ڪميشن جي ئي معرفت ٿيڻو آهي ۽ ان ۾ به پکين جو اهم ڪردار هوندو.

اهو به چيو پيو وڃي ته جهڙي ريت نگران وزيراعظم ڪو نئون نماڻو ماڻهو آندو ويندو اهڙي ريت صوبن ۾ به نوان چهرا نروار ٿيڻ وارا آهن ۽ چونڊن جي حوالي سان اهي به چوٻول ٻڌڻ ۾ اچن پيا ته چونڊون 6 مهينن جي عرصي کان پوءِ ئي ٿينديون اول سڀني جو احتساب جي نالي سان نئون پينڊورا باڪس کوليو ويندو .  ان ضد ۾ ڏٺو وڃي ته نواز خاندان جو هاڻ کان ئي سياسي حوالي سان خاتمو نظر اچي پيو پر پکين جي پرواز اها پئي ٻڌائي ته جيڪي ڀاري ۽ رازي نيازي نظر اچن پيا اهي به انهيءَ ڄار ۾ اچڻا آهن ڇو ته هن وقت ملڪي حالتون جهڙي ريت معاشي حوالي سان ۽ سياسي سماجي حوالي سان ۽ عالمي حوالي سان رخ اختيار ڪري رهيون آهن ان مان اهو واضح نظر اچي  پيو ته اڳتي هلي گهڻو ڪجهه ٿيڻو آهي جنهن جو اڳواٽ ئي پرده پوش پکين بندوبست ڪري ڇڏيو آهي جنهن جون دانهون رات توڙي ڏينهن جو خواب ڏسندڙ منظور وساڻ به ڪندي چيو آهي ته ڇهن مهينن تائين چونڊون نظر ئي نه پيون اچن ۽ کوڙ سارا سياستدان، بيوروڪريٽ انهيءَ ڄار ۾ ڦاسڻ وارا آهن ۽ جيڪي بچندا اهي ئي سياست ڪندا.

سو ڏسڻو اهو آهي ته ڪير ٿو بچي ڇو ته اسيمبليءَ جو مدو پورو ٿيڻ ۾ به صرف 2 مهينا وڃي بچيا آهن ۽ جيڪڏهن مهيني ڏيڍ اندر پرويز مشرف پرڏيهه مان اچي ڪري گرفتاري ڏئي ٿو ۽ پکين جي پرواز سان اڏامي ڪا منزل ماڻي وٺي ٿو ته ان مان اهو سمجهي سگهجي ٿو ته پرويز مشرف واري هي ڪهاڻي به اڃا اڌوري ڪهاڻي آهي جيڪا ان جي گرفتاري ۽ آزادي واري منظر نامي کان پوءِ منظرعام تي اچڻ واري آهي جيڪڏهن مهيني ڏيڍ لاءِ کيس جيل جي هوا کائڻي ٿي پوي ته سندس لاءِ اها ڪا ڏکي ڳالهه ناهي ڇو ته حاصل ڪرڻ لاءِ ڪجهه سور ۽ سختيون برداشت ڪرڻيون پونديون آهن.

هونئن به ملڪي تاريخ جي اها روايت رهي آهي ته جيڪو به جيل ويندو آهي اهو ضرور ريل ۾ سفر ڪندو آهي. سو جيڪڏهن خصوصي عدالت جي حڪم تي انٽرپول ذريعي پرويز مشرف جي گرفتاري واقعي ٿئي ٿي ته پوءِ اهو عجيب مثال هوندو ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن آمريتي چهري کي ملڪي خاص عدالت جي حڪم تي ٻاهرين ملڪ مان گرفتار ڪري جيل جي حوالي ڪيو ويو.

پر سوال اهو به اڀري ٿو ته کيس مٿان ملڪ سان غداري وارو ڪيس جنهن ۾ واضح ڄاڻايل آهي ته ان جي سزا موت آهي ته پوءِ اهڙي سنگين غداري واري ڪيس ۾ کيس سزا به ملي سگهندي يا نه؟ يا وري پرويز مشرف جي حوالي سان ڪارساز وارو واقعو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو وارو ڪيس، شهيد اڪبر بگٽي وارو ڪيس به لاڳو ٿيل آهي اهو فيصلو به ٿي سگهندو يا نه ۽ جيڪڏهن هنن سمورن ڪيسن هوندي کيس سزا نه ٿي ملي ۽ سندس گرفتاري انٽرپول ذريعي نه ٿي ٿئي ته پوءِ ان مان اهو ٻٽو معيار صاف ظاهر هوندو ته ملڪ جي ٻين ماڻهن لاءِ ته هڪڙو قانون آهي پر ملڪ جي آمريتي چهرن لاءِ ٻيو قانون آهي.

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

جهونو جوڳي ۽ ڪرنٽ افيئر

يار محمد شاهه جهوني جوڳيءَ مواليءَ کي دڙڪا ڏيندي چيو ته ”هن وقت ن ليگ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے