24 سومر , سيپٽمبر 2018

تعصب پرستيءَ جي باهه سان گڏ نادرا جون سازشون

امير ڀنڀرو

هڪ دفعو ٻيهر ڪراچيءَ ۾ ڌرتي ڌڻين لاءِ ڌرتي ٽامو ڪرڻ جون ڪوششون ۽ سازشون تيز ٿي ويون آهن، هڪ طرف سنڌ جي گادي واري شھر ڪراچي جي ڊائو ميڍيڪل يونيورسٽي اسپتال ۾ ليڊي  ڊاڪٽر رابعه بيبي  کي  سنڌيءَ  ۾ ڳالھائڻ  تي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي،  ٻڌايو وڃي ٿو ته  ڊاڪٽر رابعا  سي سي يو وارڊ ۾  رائونڊ  دوران  مريضن سان سنڌي ۾ ڳالھايو جنھن تي بدمست  ڪارڊ يولاجسٽ ڊاڪٽر فھيم عامر مٿس مڇرجي پيو ته اوهان  سنڌي ۾ ڇو ڳالھايو..؟   جنهن  بعد ڊائو يونورسٽي انتظاميا ڊاڪٽر فهيم عامر جي اهڙي تعصب پرستيءَ واري عمل تي قانوني ڪاروائي ڪرڻ بجاءِ ڊائو يونورسٽي انتظاميا  جي ڊپٽي ڊائريڪٽر افضل قاسم مريضن سان سنڌي ڳالهائيندڙ ليڊي ڊاڪٽر رابعا بيبيءَ خلاف ليٽر جاري ڪندي   24  ڪلاڪن ۾  سنڌي ڳالهائڻ تي وضاحت طلب ڪئي وئي.

ٻڌايو وڃي ٿو ته تعصب پرست ڪارڊيولاجسٽ فهيم عامر ايم ڪيو ايم اڳواڻڻ سان تمام ويجهو رهيو آهي،  هڪ طرف ڪراچيءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ خلاف باهه ٻاريندي  تعصب پرستيءَ جي حد ڪندي ڪراچيءَ ۾ سنڌي ڳالهائڻ تي  پابنديون وجهڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن ته  ٻئي طرف وري ڪراچيءَ ۾ سنڌي ماڻهن جو وجود مٽائڻ ۽ سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي مِشن تي قومي شناختي ڪارڊ ٺاهڻ واري اداري نادرا جي چيئرمين عثمان مبين کي ڪراچيءَ ۾ هڪ سازش ۽ نئين مشن تحت ويهاريو ويو آهي ، جنهن کان پوءِ حيرت جي اها ڳاله آهي ته نادرا جي نئين پاليسي پرڏيهين جي سڃاڻپ ڪارڊ ۾ تمام سولائي پيدا ڪري ڇڏي آهي.

سنڌ واسين کي اها ڳالهه ٻڌي حيرت ٿيندي ته نادرا جي چيئرمين اهو به قانون جاري ڪيو آهي ته  جيڪڏهن ڪو بنگالي، برمي افغاني يا ٻيو ڪو ڌاريو نادرا ۾ قومي شناختي ڪارڊ لاءِ درخواست ڏيندو ته انهيءَ تي ڪنهن به نادرا عملي جو اعتراض قبول نه ڪيو ويندو يعني جيئن به هو درخواست ڏيندو اها ائين ئي قابل قبول سمجهي ويندي ياد رهي ته ائين دنيا جي ڪنهن به شعبي يا اداري ۾ نه آهي ته ڪنهن به قسم جي ڪا درخواست اچي ته انهيءَ تي تظرثاني ڪرڻ جو ڪنهن کي اختيار ئي نه هوندو .

انهي مان اندازو لڳائي سگهجي ته سنڌ ۾ ڌاريا آباد ڪرڻ لاءِ ڪيتريون سازشون ٿي رهيون آهن،  انهي سازش ۾ قانون جي لتاڙ به جائز ۽ ثواب سمجهي استعمال ڪئي پئي وڃي ٿي،  جڏهن ته اهو به ٻڌايو پيو وڃي ته  بنگالين،  برمين  ۽ افغانين کي بغير ڪنهن  دستاويز  جي ڪارڊ جاري ڪيا پيا وڃن ٿا،  انهي پوري سازش ۾  چيئرمين نادرا اهم حصو بڻيل آهي جيڪو سموري ملڪ کي ڇڏي صرف ڪراچي سينٽرن تي ڌيان ڏئي رهيو آهي ۽ انهن سينٽرن جي نگراني ڪري رهيو آهي. نئين پاليسيءَ تحت ڪراچيءَ جا سمورا نادرا سينٽر صبح جو نائين وڳي کان رات نائين وڳي تائين کليل رهندا ، ڪراچيءَ ۾ سالن کان ترسيل غير قانوني پرڏيهين کي نادرا جا نوان ڪمپيوٽرائيزڊ ڪارڊ ٺهرائڻ ۾ وڌيڪ آساني پيدا ڪرڻ لاءِ  ڪراچيءَ ۾ جماعت اسلامي ۽ ٻين مذهبي  جماعتن پاران ڪئمپون قائم ڪيون ويون آهن جيڪي به انهي سازش تي رات ڏينهن ڪم ڪري رهيون  آهن ته جيئن  ڪراچيءَ ۾ وڌ ۾ وڌ غير قانوني رهندڙ پرڏيهن کي سنڌ جو مستقل رهواسي ڪري سگهجي، ۽ آسانيءَ سان سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪري سگهجي،

سنڌ جي اهڙي جيئڻ ۽ مرڻ واري مرحلي ۽ سنڌين جو ڌرتيءَ تان وجود مٽائڻ واري سازش تي  پيپلز پارٽيءَ جي مڪمل خاموشي مان چٽو ثابت ٿئي ٿو ته  پيپلز پارٽي جو ”روٽي ڪپڙا اور مڪان“ وارو نعرو سنڌ جي عوام سان دوکو آهي، پيپلز پارٽي وفاقي حڪومت طرفان مڙهيل نادرا پاران سنڌين سان ٿيندڙ زيادتي روڪڻ لاءِ ڪي به اپاءَ وٺڻ بجاءِ سنڌ سان زيادتي ڪندڙن جي سهولتڪار بڻيل آهي، سنڌي عوام جي حقن جو تحفظ ڪرڻ بجاءِ بنگالين، بهارين، برمين، افغانين ۽ ٻين ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ ۽ ووٽ جو حق ڏئي سنڌين جي اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي تاريخي سازش ٿي رهي آهي .

وسيلن سان مالا مال سنڌ بک ۽ بدحالي جو شڪار آهي، جتي خوشحال سنڌ جا مٺڙا مارو  کير کپائڻ کي عيب سمجهندا هئا، اڄ سنڌ جون مائرون پنهنجا ٻچا کپائڻ تي مجبور آهن ۽ سنڌ جو عوام خودڪشيون ڪرڻ لاءِ مجبور آهي، ڌرتي ڌڻين کي سنڌ جي دل ڪراچي ۾ تعليم جو حق به مليل نه آهي، جڏهن ته گذريل 10 سالن کان پيپلز پارٽي سنڌ ۾ اڇي ۽ ڪاري جي مالڪ بڻجي حڪومت ڪري رهي آهي ۽ 5 سال پنهنجي مڪمل طاقت سان وفاق ۾ پڻ حڪومت ڪري چڪي آهي، سنڌين جي ووٽ تي حڪومت ٺاهيندڙ پيپلز پارٽي سنڌين جي قسمت بدلائڻ واري ڳالهه ته پري آهي پر سنڌين کي بنيادي تعليم، صحت ۽ روزگار سميت ٻيا مسئلا حل ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي،  ذوالفقار آباد، ڊي ايڇ اي سٽي ۽ بحريا ٽائون جهڙا ڌارين جا شهر به پيپلز پارٽي طرفان سنڌ لاءِ خطرناڪ تحفا آهن، جن جي ڪري سنڌين جي اڪثريت اقليت ۾ تبديل ٿيڻ جي راهه هموار ٿي رهي آهي.

انتهائي افسوس جي ڳالهه آهي ته ڪراچي ۾ ڌرتي جي وارثن سنڌين کي سڃاڻپ ڪارڊ، ڊوميسائيل ۽ ووٽ ڏيڻ جو حق به حاصل نه آهي، جڏهن ته ڌارين ۽ غير قانوني طور سنڌ ۾ داخل ٿيندڙ پرڏيهين بنگالين، بهارين، برمين ۽ افغانين کي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ ووٽ ڏيڻ جو حق ڏيڻ لاءِ ترجيحي بنيادن تي اپاءَ ورتا پيا وڃن، اڳوڻي وفاقي وزير چوڌري نثار علي خان نادرا جي چيئرمين عثمان مبين کي 60 هزار جعلي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ جي الزام ۾ برطرف ڪيو هو، جنهن کي وري بحال ڪيو ويو آهي، هو گذريل ڪجهه ڏينهن کان ڪراچي ۾ سرگرم آهي، هو قومي اسيمبلي به پاڻ آهي، قانون ٺاهيندڙ به پاڻ آهي، هن تازو نادرا جي اسٽاف کي آرڊر جاري ڪيو آهي ته بنگالين، برمين، بهارين، افغانين سميت ڪير به اچي ته انهن کي جلد سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏيو، تصديق جي ضرورت نه آهي، جڏهن ته نادرا ملازمن لکت ۾ آرڊر جي گهر ڪئي ته چيئرمين نادرا جي اسٽاف کي فارغ ڪري ڇڏيو.

ياد رهي ته جن بهارين، بنگالين، برمين ۽ افغانين جا سڃاڻپ ڪارڊ 2010ع يا 2011ع ۾ جنهن جو مدو ختم ٿي چڪو هو، اهي وري ان پاليسي تحت ٻيهر ڪارڊ ٺهرائي رهيا آهن سنڌ جو عوام سالن کان اهو مطالبو ڪندو پيو اچي ته 1954ع کان پوءِ سنڌ ۾ آيل سمورن پرڏيهين کي غير قانوني قرار ڏئي سنڌ مان نيڪالي ڏني وڃي، بنگالين، بهارين، برمين ۽ افغانين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ ۽ ووٽ جو ڏيڻ کي رد ڪيو وڃي ۽ نادرا جي چيئرمين ۽ ڊي جي سنڌ نادرا کي فوري برطرف ڪيو وڃي ڪراچي جي تعليمي ۽ ٻين  ادارن ۾ سنڌي شاگردن لاءِ بند پيل تعليم جا دروازا کوليا وڃن ، ڪراچي ۾ سنڌين جا فوري طور تي ووٽر لسٽن ۾ نالا داخل ڪيا وڃن، ٻئي صورت ۾ سنڌ جو ماڻهون اهو تاريخي احتجاج ڪندو جنهن احتجاج کي منهن ڏيڻ حڪومت کي ڏکيو ٿي پوندو ڇو جو هي سنڌ جي بقا ۽ جياپي جو مسئلو آهي سنڌ جي ماڻهن جي جيئڻ جا روز روز دڳ سوڙها ڪرڻ جو سازشون ٿي رهيو آهن.

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ جي نياڻين جو درد، حوصلو ۽ جاکوڙ…!

ڪامران چانڊيو سنڌ جون اهي نياڻيون جيڪي پيرين اگھاڙين سنڌ جي روڊن تي، پنهنجن پيارن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے