18 اربع , جولاءِ 2018

ڄام ساقيءَ جا خواب ۽ جدوجهد

مهتاب اڪبر راشدي

                         5 مارچ تي ملڪ کان ٻاهر هئس، پرديس ۾ ڄام ساقيءَ جي فاني جهان مان لاڏاڻي جي خبر ملي، اکيون ڀرجي آيون، ڏک ڪنهن سان ونڊيا ها؟ دير تائين هوٽل جي ڪمري ۾ ويهي، وڃڻ واري کي ڏکيل دل ۽ جذبن جي ڀيٽا ڏيندي رهيس.

ڄام ساقي! جنهن جي سڄي زندگي پاڻ کي ڇڏي باقي ٻين جي لاءِ عزت ڀري جيئدان جي ڳولا ۾ گذري وئي، جيڪو نه ڄام هو نه ساقي هو پر سڀني جو ساٿي هو. ٿر جي ريگستان مان اڀريل هڪ کُنڀي مثل هو، جيڪا مينهن جي هڪ ڦڙي جي ٻاجهه مان جنم وٺندي آهي. هن جي دل ٿر جي ئي ريگستان وانگر وشال هئي ۽ ريگستان جي ئي سخت موسمن ۾ پلجي هو برداشت ۾ ته ڏاڍو هو پر مزاج ۾ ٻين لاءِ انتهائي نرم ۽ ويجهڙائي ڏيڻ وارو هو. تڏهن ته هو سڀني جي ڏک سک جو ساٿي هو. سندس زندگيءَ تي ويچاريندي اهو پئي خيال آيو ته انسانن کي پنهنجي حياتيءَ ۾ جيڪي دور ملندا آهن آس پاس جي جن ماڻهن سان سندس ميل ميلاپ رهندو آهي، انهن مان ملڻ جلڻ ۽ گڏ رهڻ سان ئي سندن سوچ ۽ لاڙا تبديل ٿيندا آهن. ڄام ساقي ته انتهائي اٿل پٿل واري دور ۾ اکيون پٽيون. دنيا ٻه عالمي جنگيون ڏسي چڪي هئي، انگريزن جو بيٺڪيت وارو دور موٽ کائڻ لڳو هو. ننڍي کنڊ ۾ به انگريزن ويندي ويندي نفرت ۽ تعصب جو ٻج پوکيو. مذهب کي بنياد بڻائي ملڪ ورهايا ويا، جتي ڄام پئي وسيو اتي نئون ”پاڪستان“ نالي سان نروار ٿيو.

سمجهان ٿي ته هو جتي جو ڄايو هو، اتي هن کي انسان کي سڀني تعصب کان مٿاهون ٿي پرکڻ جو بنيادي سبق ان ”فطرت“ ڏنو، جيڪا ٿر ۾ مختلف حوالن سان ظاهر ٿيندي رهندي آهي. ٿر ڀلي ته برُ هجي پر رنگ برنگي به اتي پنهنجي تمام تر حسناڪي سان ويراني ۾ رنگ پيا پکيڙيندا، هرڻ به اتي وڏا ڇال ڏيندا ڊوڙندا، اٺ به انهيءَ ئي بي رحم سج ۽ بي آب و گياهه مسافت ۾ انسان کي سفر جو وسيلو بڻيو وڃن. ته وري جڏهن ڪڪر مهربان ٿين ته ڏسندي ئي ڏسندي سڄو ريگستان چراگاهه ۾ تبديل ٿيو وڃي.

ڄام ساقي به فطرت جي انهن موسمن جو پرورده هو، جتان به پڙهيو ۽ جنهن کان به پڙهيو پر اهڙو رچي راس ٿيو جو، سندس اها سوچ ۽ خيال نه ڪڏهن بدليا ۽ نه ئي کوٽ ثابت ٿيا. هن پنهنجي نوجوانيءَ ۾ ملڪ کي انگريزن کان آزاد ٿيندي ڏٺو ته وري ان آزاديءَ کي جاگيردارن، سرمائيدارن، نوڪر شاهي ۽ فوجي حڪمرانيءَ جي چنبي ۾ قابو ٿيندي به ڏٺو.

ڄام ساقيءَ جو دور”کاٻي ڌر ۽ مارڪسسٽ“ سوچ ۽ خيال رکڻ وارن جو دور هو. مارڪس ۽ لينن هر آزاد فڪر نوجوان جو آئيڊيل هئا ۽ ان ۾ به ڪو شڪ ناهي ته اهو نوجوان نسل مارڪسسٽ نظرئي تحت معاشري ۾ هڪ جهڙائي، اقتصادي برابري ۽ انصاف تي ٻڌل نظام کي قائم ڪرڻ جي گهر ڪري رهيا هئا، هو سوويت يونين ۾ هلندر عملي نظام جي جبر کان اڻ واقف هئا پر نظرياتي طور ان سان سلهاڙيل رهيا، کاٻي ڌر سان تعلق رکندڙ هر اديب، شاعر ۽ دانشور ان نظرئي جي سرور ۾ سرشار هو، سبط حسن کان وٺي فيض احمد فيض جهڙا کاٻي ڌر وارا لکندڙ ۽ شاعر هر نوجوان لاءِ سوچ ۽ حوصلي جو اهڃاڻ رهيا. ڄام ساقي به انهي دور ۾ انهن ئي خيالن ۽ نظرين سان اڳتي وڌيو، سرخ سلام به پيش ڪندو رهيو ته سرخ جهنڊو به هٿ ۾ کنيائين.

سڄي دنيا جي محروم ماڻهن سان گڏوگڏ، پنهنجي ملڪ ۽ پنهنجي صوبي جي پنهنجن حقن کان محروم ماڻهن جي رهبري ۽ رهنمائي جي ذميواري به ٻين گهڻن سڄاڻ ماڻهن سان گڏ ڄام ساقيءَ جي مٿان آئي. سنڌ يونيورسٽي جي شاگرد يونين ۾ فعال ڪردار ادا ڪرڻ کان وٺي معاشري جي پٺتي پيل طبقن کي به سجاڳيءَ طرف آڻڻ جي ڪوشش ڪيائين. نوجوان ڄام ساقي پنهنجن آدرشن کي جيئرو رکڻ سان گڏوگڏ بدلجندڙ دنيا جا رنگ ڍنگ به ڏٺا، نظريا ٺهندي به ڏٺائين ته ڊهندي به ڏٺائين. جتي پاڪستان ٻه قومي نظرئي جي بنياد تي وجود ۾ آيو، اتي انهيءَ ملڪ ۾ لساني ۽ مذهبي، تعصب وڌيا، مشرقي پاڪستان ۾ بنگاليءَ کي اردوءَ سان گڏ قومي ٻولي تسليم ڪرائڻ لاءِ تحريڪون هليون، فساد ٿيا ۽ ڍاڪا يونيورستي جا شاگرد پنهنجي ٻولي جي تحفظ لاءِ شهيد ٿي بنگالين جا هيرو بڻجي ويا.

هندستان جي ڀيٽ ۾، پاڪستان ۾ جمهوريت، پير نه کوڙي سگهي ۽ مذهب جي نالي ۾ ٺهيل ان ملڪ ۾ مفاد پرست طبقي هڪ ٻئي سان ڳٺ جوڙ ڪري اهڙي حڪمراني جو بنياد وڌو جنهن ۾ وچولي ۽ غريب طبقي لاءِ ڪا واهه ئي ڪا نه بچي. انڌي منڊي پارلياماني نظام پير ئي نه کوڙيا ته ايوب خان جي مارشل لا جو ڏنڊو قوم مٿان وسڻ شروع ٿيو. کاٻي ڌر وارن جا سڀ آدرش آزمائش ۾ اچي ويا، نه انساني بنيادي حق رهيا، نه پنهنجي زبان جي تحفظ جي ڳالهه ٿي پئي سگهي، نه ئي ڪنهن صوبي جو تشخص رهيو ۽ نه ئي وري معاشيات ۽ اقتصاديات جي اڻ برابري تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جي اجازت هئي. اهي سڀ ان دور جا تحفا هئا، جيڪي ”ون يونٽ“ جي ”نظرئي“ تحت ”پاڪستان“ کي مليا. ڄام ساقي جي عمر ڇا هوندي تڏهن؟ اها ئي ويهه پنجويهه سال! پر هن نوجوان، پنهنجي اها الهڙ جواني پنهنجي ماڻهن جي نانءُ ڪري ڇڏي، هن عمر ۾ هو پنهنجي زماني جو ڄاتل سڃاتل ڪامريڊ ۽ (اڄوڪي دور جي اظهار ۾) Activist هو. چوٿين مارچ 1967ع جي وڏي مظاهري جو روح روان هو، ان مارچ معاشري جي هر طبقي جي ماڻهن شرڪت ڪئي. جنهن ۾ شاگردن، استادن ۽ مزدورن جو هڪ وڏو انگ شريڪ هو. اها ئي اها ”تاريخي“ تاريخ هئي، جنهن ۾ سڀني ڪارن قانونن ۽ خاص طور تي ون يونٽ جي خاتمي جي گهر ڪئي وئي. اها تاريخ ڄڻ ته آغاز هو، ان تحريڪ جو جنهن سنڌين کي پنهنجي سڃاڻپ ياد ڏيارائي. پنهنجي ٻوليءَ جي بچاءَ لاءِ ملڪ جي جابر حڪمرانن جي آڏو بيهي، انهن جي اکين ۾ اکيون وجهي پنهنجن حقن جي گهُر ڪئي. ان تحريڪ جي هر اول دستي ۾ ڄام ساقي هو، جيڪو ان مارچ ۾ شامل هو. پنهنجن حقن ماڻن لاءِ خوابن جي ساڀيان لاءِ سرخ جهنڊو کڻي، پيرين پنڌ هلندو رهيو، هن جي ساٿين سميت سڀني جا پير پٿون ٿيندا رهيا. رات جي پهر ۾ هيڊ جو ليپ لڦن تي لڳائي ٻئي ڏينهن وري سفر تي روانگي… ڇا جي لاءِ…..؟ ڄام ساقي ڇا پئي ڪرڻ چاهيو؟ هن جي منزل ڇا هئي، ڪا وڏي نوڪري، ڪا وزارت ڪا سفارت…؟ شايد نه! هن جي خواهش ته سڀني لاءِ ڪنهن اهڙي صبح جي آمد جي اميد هئي، جنهن ۾ بي گهرن کي اجهو، بي لباس کي لٽو ۽ بکين جي وات ۾ ڪو ڳڀو ملي سگهي پر ان لاءِ ته ملڪ جي سياسي نظام جو مٽجڻ ضروري هو. ان لاءِ جدوجهد ۽ مسلسل جدوجهد کان سواءِ ٻيو ڪو رستو ڪو نه هو.هن مارڪسٽ نظرين سان سلهاڙيل ”سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن“ جو بنياد وڌو. جنهن جو وڏو تعلق مزدور يونين سان به رهيو ته حيدربخش جتوئي واري هاري ڪميٽي به هن لاءِ اتساهه جو سبب بڻي رهي.

ڄام ساقي ۽ ان جهڙن ڪيترن جاکوڙين ۽ ملڪ جي کاٻي ڌر سان سلهاڙيل متحرڪ ماڻهن جون ڪوششون بار آور ٿيون. ايوب خان جو ڏهه سالن وارو دور زرين اختتام پذير ٿيو. فوجي حڪومت جون واڳون ٻئي فوجي حڪمران جنرل يحيٰ خان جي هٿن ۾ آيون. حيرت انگيز طور تي هن ٻه ڪم ڀلا ڪيا هڪ ته ون يونٽ جو خاتمو ۽ ٻيو Adult Franchise  يعني هڪ شخص هڪ ووٽ جي بنياد تي ملڪ ۾ چونڊون ڪرايون.

1970ع وارين چونڊن ۾ ڄام ساقي ٿر جي هڪ تڪ مان صوبائي اسيمبليءَ جي چونڊ وڙهيو، ٺاهوڪو مقابلو به ڪائين پر پنهنجي سامهون بيٺل وڏيري کان ڪامريڊ کٽي نه سگهيو. انهن ئي چونڊن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو اولهه پاڪستان مان مقبول ليڊر ٿي اڀريو ۽ اوڀر پاڪستان مان شيخ مجيب الرحمان اڪثريتي سيٽن سان سامهون ايو. ان کان پوءِ جيڪو ڪجهه ٿيو هو هن ملڪ جي تاريخ جو هڪ ڪارو باب آهي. فوج، ڀٽي صاحب تي مهربانيءَ جو هٿ رکيو. بنگالين کي سبق سکارڻ لاءِ جيڪو ڪري گذريا، اهو به تاريخ جو حصو آهي. هندستان جي فوجن ۽ مڪتي باهني اهڙو ڪم ڪيو جو پاڪستاني 93 هزار فوجي انهن جي آڏو هٿيار ڦٽا ڪري، هندستان جي جيلن ۾ واڙجي ويا. اوڀر پاڪستان 16 ڊسمبر 1971 ۾ بنگلاديش بڻجي ويو ۽ اولهه پاڪستان ”پورو“ پاڪستان بڻجي ويو. ذوالفقار علي ڀٽو (انعام طور پهريون ۽ شايد آخري) سولين چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر بڻجي ويو.

اهو به عجيب دور هو، خبر ئي ڪا نه پئي ته مارشل لا  هئي يا جمهوري نظام؟ انهيءَ جمهوري يعني ذوالفقار ڀٽي جي دور ۾ ان مهل سرحد ۽ بلوچستان جون چونڊيل حڪومتون ڊسمس ڪيون ويون. عوامي نيشنل پارٽي جي ولي خان سميت ڪيترائي ليڊر جيل جي سلاخن پٺيان ڪيا ويا. انهن تي ”قومي وحدت“ جي خلاف هئڻ جا الزام لڳا. سنڌ ۾ تعميري، قومي تشخص ۽ فڪر رکندڙ ڪتاب ۽ رسالا بندش جو نشانو بڻيا. سياسي رسالن جي بنهه ڪا گنجائش ئي نه هئي ۽ نه ئي وري دانشورن ۽ مخالف نظرئي رکڻ وارن کي اظهار جي آزادي هئي. ذوالفقار علي ڀٽي جي دور حڪومت ۾ اسان جو لاڏلو، سچو ۽ کرو سڀ جو ساٿي ڄام ساقي، تقريبن روپوش يا انڊر گرائونڊ رهيو ۽ هن سميت ڪيترن ئي ليڊرن تي بغاوت جا الزام مڙهيا ويا.

ڄام ساقيءَ جا نظريا ۽ آدرش ته تڏهن ئي ڇيهون ڇيهون ٿي ويا هوندا پر ان باوجود ڀٽي جي حڪم خلاف ساڄي ڌر جي مذهبي جماعتن تي ٻڌل اتحاد جي پاسي کڻڻ کان به هن گريز ڪيو. ذوالفقار علي ڀٽي ۽ فوج جو رومانس 93 هزار فوجين جي واپسي تي هيو ۽ جڏهن هن جمهوريت مطابق خودمختيار ٿيڻ جو ڏيک ڏنو ته ڪايا پلٽجي وئي.

5 جولاءِ 1977ع تي ذوالفقار علي ڀٽي جو دور پڄاڻي تي پهتو ۽ 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائي چونڊيل حڪومت جي حوالي ڪرڻ واري واعدي جي ابتڙ 10 سال ڏاڍ تي حڪومت ڪرڻ واري منافق ۽ جابر، ميسڻي جنرل ضياءَ الحق جي جبر واري حڪومت ڪاري رات وانگر ملڪ تي مسلط رهي.

اهو شايد دنيا ۾ وڏين تبديلين آڻڻ وارو هڪ خوفناڪ دور هو، ان عرصي ۾ پاڪستان جو مقبول ترين ليڊر پيپلز پارٽي جو باني چيئرمين کي عدالتي قتل جو نشانو بڻائي ڦاسي جي سزا ڏني وئي. ايران ۾ رضا شاهه پهلوي جي شهنشاهيت ختم ٿي ۽ امام خميني جي اڳواڻيءَ ۾ اتي ”اسلامي“ انقلاب اچي ويو، آمريڪا پنهنجي پاليسي ڦيرائي، سوويت يونين کي غيرمستحڪم  ڪرڻ لاءِ اهڙو پلان ٺاهيو، جنهن ۾ پاڪستان جي جنرل ضياءَ هنن جو ڀرپور ساٿ ڏنو. ان پاليسي تحت نه صرف روس کي افغانستان مان پسپائي اختيار ڪرڻي پئي پر طالبان ٺاهڻ کان وٺي ڪلاشنڪوف ڪلچر ۽ هيروئن جي سمگلنگ ۽ ان جو عام ماڻهن ۾ واهپو هاڻي پاڪستاني معاشري جي شڪل ئي بگاڙي ڇڏي آهي.

ڄام ساقي پنهنجي جمهوري روين ۽ مارڪسسٽ نظريي سبب ضياءَ الحق جي جبر جو شڪار رهيو، هي ڪامريڊ پنهنجن اصولن تي قائم رهيو، جيلن ۾ بدترين تشدد جو شڪار ٿيو. فوجي عدالتن جون پيشيون ڀوڳيائين. بينظير ڀتو به هن جي پاران هڪ پيشيءَ ۾ سڏائي وئي. ظلم جي هيءَ ڊگهي رات جاري رهي، ڄام ساقي قيد ٿيو ۽ نيٺ آزادي به ماڻيائين.

پر هتي سوال رڳو آزادي ماڻڻ جو ته آهي ئي ڪونه، اصل سوال ته ان جدوجهد جو آهي جيڪا ڄام ساقي سڄي عمر ڪندو رهيو. ڇا جي لاءِ…؟ زندگيءَ جي آخري حصي ۾ رات جي خاموش پهر ۾ هو پاڻ کان پڇندو هوندو ته حاصل ڇا ٿيو…؟ اهو به ته سچ آهي ته اسان سڀ حاصل ۽ لاحاصل جي دائرن ۾ ڦرندا رهون ٿا. حاصل جي ناقدري ۽ لا حاصل جي حسرت ختم ئي ڪو نه ٿي ٿئي. پر هن کي لاحاصل جي ته ڪا حسرت ئي ڪا نه هئي. هن سان گڏ چوٿين مارچ جي ڪيترائي اهڙا جوڌا  هيا جيڪي انهيءَ واقعي جو فائدو وٺندي ملڪ کان ٻاهر آسوده ٿيا ته ڪي جمهوريت جي خدمت ڪرڻ لاءِ حڪومتي پارٽين جي بس جا سوار ٿيا، صوبائي ۽ قومي اسيمبلين جا معزز ميمبر به ٿيا، هاڻي ته سندن اولاد به انهن منصبن تي هن جي وراثت سنڀاليو ويٺا آهن پر هي مولائي ڪامريڊ نه ڪنهن جي در تي ويو ۽ نه ئي ڪنهن خوشامدي ٽولي جي قطار ۾ بيٺو، سواءِ هڪ دفعي جي، جڏهن بينظير صاحبه جي حڪومت کيس سنڌ جي وزيراعليٰ جو ليبر لاءِ صلاحڪار مقرر ڪيو ويو هو. ڄام ساقيءَ کان وزيراعليٰ صاحب ڪهڙا مشورو ڪندو هوندو سو پاڻ سڀ ڄاڻون ٿا.

هن جي ته حيثيت ان قابل ڪو نه سمجهي کيس سندس اڻ ٿڪ جدوجهد جي اعتراف طور ملڪ جي شانائتي ايوان سينيٽ ۾ پهچائجي. ان معاملي ۾ ٿر جي ئي ڪرشنا ڪولهي، ڄام ساقيءَ کان خوش قسمت نڪتي، ڄام ڪن لمحن ۾ پنهنجي زندگي جي ڏک (سک ته هن جي قسمت ۾ هئا ئي ڪونه) جي ساٿياڻي ”سکان“ جي لاءِ به سوچيو هوندو، جنهن زندگيءَ جو گهڻو حصو هن جي خوابن کي تعبير حاصل ڪرڻ واري سفر ۾ مدد ڪندي گذاريو. هن سان سندس محبت جي انتها اها هئي جو اها (غير مصدقه) خبر ٻڌي ته ڄام ساقي جيل ۾ تشدد جي نتيجي ۾ گذاري ويو آهي، هن کان بنا زندگيءَ جو تصور نه ڪري سگهي ۽ وڃي کوهه ۾ ٽپو ڏئي پنهنجي زندگيءَ جو انت آندائين. اهو قدم کڻندي پنهنجي ٽن ٻچن جو به نه سوچيائين. سندس وني سکان پياري ڌيءُ بختاور ڪيتري نه عجيب قسمت کڻي آيون، سکان سک جي گهڙي لاءِ سڪندي رهي ۽ ننڍڙي بختاور ابهم عمر کان وٺي سمجهه واري عمر ماڻهن تائين پنهنجي پياري بابا کي جيل جي سيخن پٺيان ڪجهه گهڙين ڏسڻ جي منتظر رهي. هنن گڏجي، ڄام ساقيءَ کي هڪ آدرشي انسان بڻائڻ ۾ مدد ڪئي. هنن ڏکن ڀرئي سفر جي هڪ هڪ وک هن سان گڏ کنئي. انتظار ۽ اذيت جا جيڪا لمحا سکان ۽ بختاور گذاريا هوندا، ڄام ساقي شايد ان اذيت کان اڻ واقف هوندو. پر جنهن معاشري جي بدلجڻ جي لاءِ هن پنهنجي جواني، گهر جو سک، ٻچن کي وڏو ٿيندي ڏسڻ جو مزو ۽ زندگي ۾ پنهنجي لاءِ پنهنجي اولاد لاءِ ڪجهه حاصل ڪرڻ جي ڪا تمنا نه ڪئي. سو معاشرو ۽ ان جا ڏتڙيل ڏوٿي ته اڳ کان به بدتر حالتن ۾ ڏٺائين. ها البته، جمهوريت، سول سوسائٽي، ترقي پسندي ۽ تبديليءَ جا بيانيا ئي بدلجي ويا. بقول زاهد مخدوم جي ”پروگريسو اڄ ڪلهه لبرل ٿا سڏائجن ۽ ترقي، هاڻي مغرب جي مالي مدد ڏيڻ وارن  Donorsجي ٺاهيل غير سرڪاري تنظيمن NGOs جي مرهون منت آهي. ڄام ساقي ان سفر جو پانڌيئڙو نه پئي ٿي سگهيو، هو پنهنجي پٺيان پنهنجي زندگيءَ جي ساٿياڻي اختر، پٽڙا ۽ ڀاڳن واري بختاور جهڙي باوقار اولاد ڇڏي ويو. اهي سڀ اوچي ڳاٽ سر بلند بيٺا آهن. انهن سڀني خوابن جا امين جيڪي ڄام ساقي ڏٺا ۽ شايد اسان جا ٻچا انهن خوابن کي ساڀيان ڪن.

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

پ پ لاءِ پيدا ٿيل ڏکي صورتحال!

شفيق الرحمان  شاڪر پوري ملڪ وانگر سنڌ ۾ به چونڊ سرگرميون عروج تي آهن.ڪراچي سان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے