22 آچر , جولاءِ 2018

پاڪستان اميدن تي پورو لٿو لهي، دٻاءُ وڌائڻو پوندو: آمريڪي عهديدار

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا جي هڪ اعليٰ عهديدار چيو آهي ته پاڪستاني حڪومت طالبان ۽ دهشتگرد گروهن کي منهن ڏيڻ لاءِ انتهائي گهٽ قدم کڻي رهي آهي، پاڪستان مطالبا پورا نٿو ڪري ته ٻه بيلن ڊالرن جي امداد روڪي سگهجي ٿي. خابرو اداري اي ايف پي آمريڪي انتظاميا جي هڪ اعليٰ عهديدار جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته واشنگٽن جي مطالبن باوجود پاڪستاني حڪومت طرفان انتهاپسندن خلاف ڪارروائي جي رفتار انتهائي سست آهي. ان آمريڪي عهديدار نالو ظاهر ڪرڻ کانسواءِ ٻڌايو ته طالبان ۽ ٻين دهشتگرد گروهن خلاف ڪارروائي لاءِ پاڪستان تي دٻاءُ وڌائڻو پوندو. پاڪستان ۾ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڪئي ويندڙ ڪوششن تي تبصرو ڪندي هن چيو ته اسان اسلام آباد اختيارين کي خاص درخواستون ڪندا رهيا آهيون ۽ کين ڄاڻ به فراهم ڪندا آهيون، جن تي اهي ردعمل به ظاهر ڪندا آهن پر اسان اهو ناهي ڏٺو ته اهي دهشتگردن خلاف پنهنجي طور ڪارروائي ڪري رهيا آهن، جنهن جي اسان اميد به رکون ٿا ۽ پاڪستان ان جي اهليت به رکي ٿو. سندس چوڻ هو ته اهڙا اشارا گهٽ ٿا ملن ته پاڪستان قبائلي علائقن ۾ فعال طالبان سان رابطا مڪمل طور ختم ڪري ڇڏيا آهن، آمريڪي اهلڪار موجب مان نٿو سمجهان ته اهو هڪ سولو ڪم آهي، اسان کي پاڪستان تي دٻاءُ وڌائڻو پوندو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

چونڊن کان اڳ ڌانڌلي: سيوهڻ ۾ پوسٽل بيلٽ جي ذريعي ٺپا مافيا سرگرم، هڪ ڄڻو گرفتار

سيوهڻ(ويب ڊيسڪ) چونڊ 2018 کان اڳ وڏي ڌانڌلي جي خبر اچي وئي آهي، سيوهڻ ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے