23 سومر , جولاءِ 2018

وزني ٿيلها اسڪولي ٻارن لاءِ خطرو قرار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عباسي شهيد اسپتال جي ڊپٽي ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ اسڪولي ٻارن جي وزني ٿيلهن سبب پيدا ٿيندڙ طبي مسئلن جي نشاندهي ڪئي آهي. ڊي ايم ايس نعمان ناصر طرفان تعليم واري سيڪريٽري ۽ ڪراچي جي اسڪولن جي انتظاميا کي ٻارن طرفان وزني ٿيلها کڻڻ سان پيدا ٿيندڙ خطرن بابت تحريري خط لکيو آهي، جنهن ۾ وزني ٿيلهن سبب ٻارن جي ڪنڌ ۽ چيلهه سميت ڪلهن جي تڪليف جي شڪايت سامهون اچڻ جو ٻڌايو ويو آهي. نعمان ناصر موجب هڪ ڊاڪٽر هجڻ جي حيثيت سان سرڪاري ۽ خانگي اسڪولن جي شاگردن طرفان وزني ٿيلها کڻڻ سان صحت بابت پيش ايندڙ مسئلن بابت ڌيان ڏيارڻ چاهيان ٿو. سندس چوڻ هو ته مان جائزو ورتو آهي ته گهڻي قدر ٻار مون وٽ ڪنڌ، ڪلهن ۽ چيلهه ۾ تڪليف جي شڪايت کڻي ايندا آهن، 5 کان 13 ورهين جي عمر وارن ٻارن جو 35 سيڪڙو انگ ڳرا ٿيلها کڻڻ سبب چيلهه ۾ سور جي شڪايت ڪندي نظر اچي ٿو. هن درخواست ڪئي آهي ته ٻارن جي ٿيلهن ۾ وزن گهٽ ڪرڻ لاءِ قدم کنيا وڃن ۽ هڪ اهڙو نظام ترتيب ڏنو وڃي، جنهن سان ٻار ٽائيم ٽيبل جي حساب سان روز مخصوص ڪتاب کڻي اسڪول وڃن، گڏوگڏ هن اها تجويز به ڏني آهي ته اسڪولي ٿيلهي جو وزن ان طريقي سان به گهٽ ڪري سگهجي ٿو ته شاگردن کي گهٽ کان گهٽ هوم ورڪ ڏنو وڃي يا وري اسڪولن ۾ لاڪر ٺاهيا وڃن، جتي ٻار حفاظت سان اضافي ڪتاب رکي سگهن.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ختم نبوت ترميم سان منهنجو ڪو به واسطو ناهي: شفقت محمود

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف اڳواڻ شفقت محمود چيو آهي ته ختم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے