26 جمعرات , اپریل 2018

فلپائن ۾ جهاز گهر تي ڪِري پيو، 10 ڄڻا فوت

منيلا (ويب ڊيسڪ) فلپائن ۾ هڪ جهاز تباهه ٿيڻ جي نتيجي ۾ 10 ڄڻا فوت ٿي ويا. اختيارين موجب ٻن انجڻن وارو هڪ ننڍو جهاز ملڪ جي اترين علائقي ۾ هڪ گهر تي ڪِريو، جنهن سبب 10 ڄڻا اجل جو شڪار ٿيا. فوت ٿيلن ۾ 3 ٻار به شامل آهن. ڪريش ٿيندڙ جهاز ۾ هڪ پائليٽ سميت ڪُل چار مسافر سوار هئا. هوڏانهن ايوي ايشن اختيارين حادثي جا سبب ڄاڻڻ لاءِ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

لڳي ٿو ته ٽرمپ ايران سان ائٽمي ٺاهه ختم ڪري ڇڏيندو: فرانسيسي صدر

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) فرانسيسي صدر ايمانيول ميڪرون چيو آهي ته لڳي ٿو ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے