25 بدھ , اپریل 2018

رضا رباني جو نالو وٺي نواز شريف سياست کيڏي، عمران جي صورت ۾ ٻيو الطاف قبول ناهي: بلاول

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پ پ طئي ڪيو هو ته ن ليگ کي سينيٽ چيئرمين آڻڻ کان روڪڻو آهي، ن ليگ رضا رباني جو نالو کڻي پروپئگنڊا ڪئي، رضا رباني کان 2018ع جي چونڊن ۾ ڪراچي ۾ ڪم وٺڻو آهي. خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عمران خان ن ليگ کي ايڪسپوز ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو، اسان چاهيو پئي ته ن ليگ ظاهر ٿئي، سينيٽ چونڊن ۾ ن ليگ ايڪسپوز ڪرڻ ۾ ڪامياب وياسين. هن چيو ته اسان اپوزيشن سان گڏجي حڪمت عملي ٺاهي سين، ن ليگ جي به ڪجهه ماڻهن اسان کي ووٽ ڏنو، ايم ڪيو ايم ۽ تحريڪ انصاف جو چوڻ هو ته اهي اسان کي ووٽ نه ڏيندا، ٺاهه ايم ڪيو ايم ۽ تحريڪ انصاف وارن ڪيو اسان نه، مون کي خبر آهي ته مولانا فضل الرحمان اسان کي ووٽ ڏنو يا نه پر ان بابت نه ٻڌائيندس. سندس چوڻ هو ته اهو پارٽي جو حق آهي ته ڪنهن کي به سينيٽ چيئرمين لاءِ اميدوار نامزد ڪري، نواز شريف سينيٽ چونڊن ۾ رضا رباني جو نالو وٺي سياست کيڏي، آصف زرداري جي بيان جو اهو مطلب ناهي ته هو رضا رباني سان ڪاوڙيل آهي، زرداري صاحب جي دل وڏي آهي، رضا رباني پيپلز پارٽي جو اثاثو آهي، مان کيس پارليامينٽ ۾ ڏسڻ جو خواهشمند آهيان، رضا رباني جو پارليامينٽ ۾ آواز وڌيڪ مضبوط هوندو. پ پ چيئرمين چيو ته اسان سڀني کي خبر آهي ته ايم ڪيو ايم ڪراچي ۾ تشدد جي سياست ڪئي پر متحدا ۾ ڪجهه سٺا ماڻهو به موجود آهن، انهن سان گڏجي ڪم ڪري سگهجي ٿو، عمران خان جا بيان ايم ڪيو ايم باني جهڙا آهن، چاچا عمران ۽ انڪل الطاف ۾ گهڻو فرق ناهي، الطاف حسين هڙتالون ڪندو هو ۽ عمران خان ڌرڻن جي سياست ڪري رهيو آهي، اسان کي عمران خان جي صورت ۾ ٻيو الطاف حسين قبول ناهي، پ پ ايندڙ چونڊ پنهنجي طاقت ۽ پنهنجي نشان تي وڙهندي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سرڪاري دوري تي روس پهچي ويو

راولنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سرڪاري دوري تي روس پهچي ويو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے