22 آچر , جولاءِ 2018

اوڀر غوطا ۾ تازي بمباري، وڌيڪ 30 شهري مارجي ويا

غوطا (ويب ڊيسڪ) شامي علائقي اوڀر غوطا ۾ روسي ۽ شامي بمباري جي نتيجي ۾ وڌيڪ 30 شهري مارجي ويا آهن. سيريئن آبزرويٽري ٻڌايو آهي ته زملڪا ۾ ڪيل ان تازي هوائي ڪارروائي ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي پڻ ٿيا. باغين جي قبضي هيٺ دمشق ۽ ان جي ڀر واري علائقي مان وڌيڪ 10 هزار ماڻهن کي ڪڍيو ويو آهي. شامي فوج 4 لک آبادي واري ان علائقي جو گهيرو ڪري رکيو آهي، جنهن جي آزادي لاءِ 18 فيبروري کان آپريشن شروع ڪيو ويو هو. شامي حڪومت دعويٰ ڪئي آهي ته هيل تائين اوڀر غوطا جو 75 سيڪڙو حصو باغين کان آزاد ڪرايو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

چونڊن کان اڳ ڌانڌلي: سيوهڻ ۾ پوسٽل بيلٽ جي ذريعي ٺپا مافيا سرگرم، هڪ ڄڻو گرفتار

سيوهڻ(ويب ڊيسڪ) چونڊ 2018 کان اڳ وڏي ڌانڌلي جي خبر اچي وئي آهي، سيوهڻ ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے