25 بدھ , اپریل 2018

ادارن سان نه وڙهڻ ۾ ئي نواز شريف جي ڀلائي آهي: چوڌري نثار

ٽيڪسلا (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان چيو آهي ته ان ۾ ڪهڙو شڪ آهي ته مان ن ليگ ۾ شامل آهيان، منهنجو موقف آهي ته عدليا سان ويڙهه نه ڪرڻ گهرجي، اسان کي رليف ملڻو آهي ته سپريم ڪورٽ مان ئي ملندو، نواز شريف ۽ ن ليگ جي به ان ۾ ئي ڀلائي آهي. ٽيڪسلا ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چوڌري نثار چيو ته سڀني ڳالهين جي وضاحت جو وقت ويجهو اچي ويو آهي، پارٽي معاملن تي هتي نه ڳالهائيندس، سياست پهلواني جو مقابلو ناهي پر اصولن تي سوديبازي نه ڪندي رستو ڪڍڻ جو فن آهي، ن ليگ ۾ ڪو فارورڊ بلاڪ نه ٺهيو رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته مان هر ڳالهه کي خاموشي سان منهن ڏنو، ان کان وڏي خاموشي ڪهڙي هوندي ته ڪابينا وڃڻ ڇڏي ڏيم، نواز شريف جي ڀلائي ان ۾ آهي ته ادارن سان نه وڙهي. هن چيو ته جڏهن اسان 2013ع ۾ حڪومت سنڀالي ته ويزي جي معاملن ۾ ڏکيائين جا شڪار هئاسين پر گهرو وزارت ان حوالي سان پاليسي ٺاهي، مان اهو طئي ڪيو ته جنهن طريقي سان ڪو ملڪ اسان کي ويزا ڏئي ٿو ته اسان به ساڳي طريقي سان ان کي ويزا ڏينداسين ۽ ڪو ملڪ اسان کان جيتري فيس وصول ڪري ٿو ته اسان به ان کان ايتري ئي فيس وصول ڪنداسين. چوڌري نثار چيو ته اهڙا اهڙا ماڻهو ويزا وٺي پاڪستان آيا، جيڪي ملڪ جي سيڪيورٽي لاءِ ڳڻتي جوڳا هئا، اسلام آباد ۾ اهڙا اهڙا ماڻهو آيا، جن جو حڪومت کي به علم نه هو ته اهي ڇا پاڪستان ۾ رهي رهيا آهن پر مان 4 سئو گهرن جا دَر کولرايا ته چيو ويو اهي ماڻهو ڪو سفارتڪار آهن. هن چيو ته منهنجو هڪ ئي سوال هو ته مون کي دنيا جو اهڙو ڪو ملڪ ٻڌايو، جتي سفارتڪار رهندا هجن ۽ حڪومت کي ان جو علم نه هجي، بدقسمتي آهي ته هن ملڪ ۾ ماڻهو ڳالهين کي تڪڙي وساري ڇڏيندا آهن، مان ويزا پاليسي ۾ سختي ڪئي ۽ ان کي وڌيڪ سخت ٿيڻ گهرجي، جيڪڏهن ڪو منهنجي فيصلي کي چئلينج ڪرڻ چاهي ته ان لاءِ عوامي فورم ۽ عدالت موجود آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

جلد پاڪستان موٽڻ چاهيان ٿو پر ڊاڪٽر اجازت نه پيا ڏين: اسحاق ڊار

لنڊن (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته جلد کان جلد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے