22 آچر , جولاءِ 2018

ايندڙ چونڊن ۾ مخالفن جو صفايو ٿيندو، مسلم ليگ ن ڪامياب ٿيندي: شهباز شريف

ڊيرا غازي خان ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن جي صدر ۽ پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو آهي ته ايندڙ چونڊن ۾ مسلم ليگ ن مخالفن جو صفايو ڪري ڪاميابي حاصل ڪندي. ڊيرا غازي خان ۾ جلسي کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته ماضي جي حڪومتن ڏکڻ پنجاب کي نظرانداز ڪيو ۽ مسئلا حل نه ڪيا پر هي خادم توهان سان ٻوڏ توڙي ٻين مصيبن ۾ گڏ رهيو آهي. هن چيو ته ايندڙ ٽن مهينن  ۾ عوام جو فيصلو اچڻ وارو آهي، هو واعدو ڪري ٿو ته ڏکڻ پنجاب کي لاهور برابر ڪري ئي دم پٽيندو. سندس چوڻ هو ته عوام کي فيصلو ڪرڻو آهي ته ڪنهن خدمت ڪئي ۽ ڪنهن قوم جو وقت ضايع ڪيو. شهباز شريف چيو ته دانش اسڪولن ۾ غريبن جي ٻارڙن کي وڏن اسڪولن جي برابر تعليم ڏني پئي وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

چونڊن کان اڳ ڌانڌلي: سيوهڻ ۾ پوسٽل بيلٽ جي ذريعي ٺپا مافيا سرگرم، هڪ ڄڻو گرفتار

سيوهڻ(ويب ڊيسڪ) چونڊ 2018 کان اڳ وڏي ڌانڌلي جي خبر اچي وئي آهي، سيوهڻ ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے