24 سومر , سيپٽمبر 2018

پ پ ۽ مسلم ليگ ن ميثاق جمهوريت تي عمل ڪن: فضل الرحمان

ملتان ( ويب ڊيسڪ ) جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته پ پ ۽ مسلم ليگ ن کي ميثاق جمهوريت تي عمل ڪرڻ گهرجي. ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته سينيٽ جي چونڊن ۾ جمهوريت کي شڪست ملي ۽ مفاد پرست طاقتون ڪامياب ٿيون آهن. هن چيو ته هو ايندڙ چونڊن ۾ ايم ايم اي جي پليٽ فارم تان حصو وٺندا. سندس چوڻ هو ته جوتا ۽ ڪارنهن اڇلائڻ بد اخلاقي آهي، سوچڻو پوندو ته اهو ڪلچر ڪٿان آيو آهي. مولانا فضل الرحمان چيو ته جيڪڏهن اهو سڀ ڪجهه ٿيندو رهيو ته ڪو به محفوظ نه رهندو. هن چيو ته حالتون ساڳيون رهيون ته عوام جو جمهوريت تان ويساهه ختم ٿي ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جنگ مڙهي وئي ته منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين: مولا بخش چانڊيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ مولا بخش چانڊيي چيو آهي ته مودي ۽ ڀارتي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے