26 جمعرات , اپریل 2018

ڊاڪٽر عاصم کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت، ريفرنس جي ٻڌڻي 24 مارچ تائين ملتوي

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي جي احتساب عدالت پ پ اڳواڻ ڊاڪٽر عاصم کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏيندي سندس خلاف ڪيس جي ٻڌڻي 24 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. احتساب عدالت ۾ پ پ اڳواڻ ڊاڪٽر عاصم حسين خلاف 462 ارب رپين جي ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران ڊاڪٽر عاصم عدالت ۾ پيش ٿيو. نيب طرفان احتساب عدالت ۾ شاهد محمد حسين کي پيش ڪيو ويو. جوابدارن جي وڪيلن فريادي ڌر جي شاهد محمد حسين کان آڏي پڇا مڪمل ڪئي. ٻئي طرف شاهد انور سهتي سڪيورٽي لاءِ درخواست جمع ڪرائي آهي جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته سندس حياتي کي خطرو آهي کيس تحفظ فراهم ڪيو وڃي. عدالت درخواست تي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. احتساب عدالت  ڊاڪٽر عاصم کي 24 مارچ کان 2 اپريل تائين ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏيندي ايندڙ ٻڌڻي تي ريفرنس جي وڌيڪ ٻن شاهدن کي طلب ڪري ورتو ۽ ٻڌڻي 24 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر عاصم حسين چيو ته منهنجي خلاف جعلي ڪيس نواز شريف ۽ ڪمپني ٺاهيا، ڪيسن ۾ ڪو به ثبوت ناهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ هاءَ ڪورٽ ڪراچي ۾  شرجيل انعام  ميمڻ جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)سنڌ هاءَ ڪورٽ ڪراچي ۾  اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل انعام  ميمڻ ۽ ٻين جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے