25 بدھ , اپریل 2018

اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جي صحت بابت رپورٽ رد، نئون ميڊيڪل بورڊ قائم

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) چيف جسٽس اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جي بيماري بابت رپورٽ رد ڪري نئون ميڊيڪل بورڊ جوڙي ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ کي جيل مان اسپتال منتقل ڪرڻ بابت درخواست جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي جي سلسلي ۾ جناح اسپتال جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر سيمي جمالي عدالت ۾ پيش ٿي ته چيف جسٽس کيس ڇنڊ پٽي . چيف جسٽس ڊاڪٽر سيمي جمالي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ٻڌايو وڃي ته شرجيل ميمڻ جناح اسپتال هيو ته سرجري ڇو نه ڪئي وئي، توهان کي سڀ خبر آهي، عدالت ۾ پارٽي نه ٿيو، سرجري ايتري ضروري هئي ته ڪئي وڃي ها. جسٽس ثاقب نثار سيمي جمالي کان سوال ڪيو ته ٻڌايو وڃي ته شرجيل ميمڻ وٽ اسپتال جا ڪيترا ڪمرا هئا، ڪيترا ماڻهو ايندا هئا ۽ ڪيتريون گاڏيون پارڪ ٿينديون هيون؟  چيف جسٽس آءِ جي جيل کان پڇاڻو ڪيو ته شرجيل ميمڻ ۽ شاهه رخ جتوئي ڪٿي آهن، آءِ جي ٻڌايو ته شرجيل ميمڻ کي ڪراچي سينٽرل جيل ۾ منتقل ڪيو ويو آهي، شاهه رخ جتوئي ملير جيل ۾ آهي.  چيف جسٽس چيو ته ڪيترا قيدي اسپتالن ۾ آهن، آءِ جي ٻڌايو ته 9 قيدي اسپتالن ۾ آهن. ان موقعي تي جسٽس فيصل عرب چيو ته ڇا جيل اسپتالن ۾ اهڙا قيدي آهن جيڪي عدالت جي اجازت کانسواءِ ايڊمٽ هجن، آءِ جي جواب ڏنو ته جي بلڪل اهڙئي قيدي آهن. ويل رشيد اي رضوي جي پيش ٿيڻ تي عدالت پڇاڻو ڪيو ته توهان ڪنهن جي طرفان پيش ٿيو آهي، هن جواب ڏنو ته مان شرجيل ميمڻ طرفان پيش ٿيو آهيان.  رشيد اي رضوي پنهنجي دليل ۾ چيو ته مان رڳو چاهيان ٿو ته شرجيل ميمڻ جو علاج جاري رهي. چيف جسٽس چيو ته اسان ڊاڪٽرن کي گهرايو جن شرجيل ميمڻ کي اسپتال منتقل ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي، افسوس ٿي ٿو ته سڀ ڊاڪٽر ملي ويندا آهن. ان موقعي تي شرجيل ميمڻ جي ميڊيڪل رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وئي جنهن کي چيف جسٽس رد ڪندي نئون ميڊيڪل بورڊ جوڙي ڇڏيو. چيف جسٽس چيو ته اسان نئون ميڊيڪل بورڊ جوڙي رهيا آهيون، بورڊ ۾ آغا خان ۽ پنجاب جا ڊاڪٽر شامل هوندا، پنجاب جا ڊاڪٽر يا آرمي جا ڊاڪٽر شرجيل ميمڻ جو طبي معائو ڪندا، ميڊيڪل بورڊ شرجيل ميمڻ بابت طبي رپورٽ جو به معائنو ڪندو. چيف جسٽس جي حڪم تي سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري نئون ميڊيڪل بورڊ جوڙي ڇڏيو آهي جنهن ۾ پاڪ فوج جا ڊاڪٽر به شامل آهن. ميڊيڪل بورڊ ۾ پنجاب جو نيورو سرجن، ڊاڪٽر آصف بشير، پاڪ فوج جو نيورو سرجن ۽ خانگي اسپتال جو ڊاڪٽر اطهر انعام به شامل آهي. ميڊيڪل بورڊ 15 ڏينهن ۾ سمورين رپورٽس جو جائزو وٺي نئين رپورٽ تيار ڪندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سرڪاري دوري تي روس پهچي ويو

راولنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سرڪاري دوري تي روس پهچي ويو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے