22 آچر , جولاءِ 2018

ماهرا خان ٻئي شادي جي حوالي سان خاموشي ٽوڙي ڇڏي

لنڊن(ويب ڊيسڪ) اداڪارا ماهرا خان چيو آهي ته ٽي وي تي اداڪار فواد خان سان محبت جو اظهار ڪرڻ تي ان جي گهروارن کي خاص طور تي ان جي ڏاڏي کي ڪوبه اعتراض نه هو. پاڪستان جي خوبرو ۽ دلڪش اداڪارا ماهرا خان  ايشين فلم فيسٽيول  لنڊن ۾ شرڪت دوران گفتگو ڪندي چيو ته ان جي ڏاڏي کي  پسند نه هو ته مان فلمن يا ٽي وي ۾ ڪم ڪيا جڏهن ته ان کي اهو به پسند نه هو ته مان ٽي وي تي ڪنهن غير شخص سان محبت جو اظهار ڪيا پر ان کي منهنجي فواد خان سان محبت جو اظهار ڪرڻ تي ڪڏهن به اعتراض نه ٿيو.تقريب دوران ماهرا پنهنجي مستقبل جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته ان کي پنهنجي مداحن جو بي حد خيال آهي ۽ هو چاهي ته ته مداح ان جي باري ۾ سڀ ڪجهه ڄاڻين. هن چيو ته ايندڙ سال هو فلمن مان مختصر وفقو وٺندي.شادي جي حوالي سان جڏهن ماهرا خان کان سوال ڪيو ويو ته هو لاهور يا ڪراچي ۾ هڪ وڏي شادي جي تقريب ڪرڻ چاهي ته يا صرف پنهنجي ويجهن عزيز ۽ دوستن کي گهرائي ننڍي تقريب ڪرڻ چاهي تي، هن سوال جي جواب ۾ ماهرا خان چيو ته منهنجي شادي ۽ مونکي وڏيون ۽ پر تعيش شاديون پسند آهن جيڪڏهن مان ٻئي شادي ڪندس ته اها سٺي تقريب هوندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The movie "teefa in trouble ", which will be released today, will be released today

”طيفا ان ٽربل“  جو  ريليز کان اڳ شاندار پريميئر ، فلم اڄ ريليز ڪئي ويندي

ڪراچي(شوبز نيوز) ناليواري اداڪار ۽ راڳي علي ظفر ۽ مايا علي جي فلم”طيفا ان ٽربل“ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے