22 آچر , جولاءِ 2018

روس 23 برطانوي سفارتڪارن کي ملڪ بدر ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو

ماسڪو ( ويب ڊيسڪ ) روس ۽ برطانيا ۾ سفارتي ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي، برطانيا طرفان روسي سفارتڪارن جي بي دخلي بعد روس به برطانيا جي 23 سفارتڪارن کي ملڪ بدر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. روسي پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته روس 23 برطانوي سفارتڪارن کي ملڪ بدر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، کين هڪ هفتي اندر ملڪ ڇڏڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. اهڙو فيصلو پرڏيهي وزارت برطانوي سفارتڪار لوري برسٽو سان ملاقات کانپوءِ ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو ته برطانيا کي سينٽ پيٽرز برگ ۾ جنرل قونصليٽ کولڻ جي اجازت رد ڪئي وئي آهي ۽ برطانوي قونصل کي بند ڪرڻ جو فيصلو برطانوي وزيراعظم ٿريسا مي جي روسي سفارتڪارن کي ڪڍڻ تي جوابي ڪارروائي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

چونڊن کان اڳ ڌانڌلي: سيوهڻ ۾ پوسٽل بيلٽ جي ذريعي ٺپا مافيا سرگرم، هڪ ڄڻو گرفتار

سيوهڻ(ويب ڊيسڪ) چونڊ 2018 کان اڳ وڏي ڌانڌلي جي خبر اچي وئي آهي، سيوهڻ ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے