22 آچر , جولاءِ 2018

پاڪستان جي ڏهاڙي ۽ پي ايس ايل فائنل کي يادگار بڻايو ويندو: وسيم اختر

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڪراچيءَ جي ميئر وسيم اختر چيو آهي ته پاڪستان جي ڏهاڙي ۽ پي ايس ايل ٿري جي فائنل کي يادگار بڻايو ويندو، سموري شهر کي رنگي برنگي بلبن ۽ خوش آمديد جي بينرن سان سجائي رانديگرن جي آجيان ڪئي ويندي، شهري حڪومت انتظام ڪيا آهن. ڪراچيءَ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وسيم اختر چيو ته پي ايس ايل جو فائنل ڪراچي ۾ ٿيڻ شهرين لاءِ  وڏي خوشخبري آهي. هن چيو ته پاڪستان جي ڏهاڙي تي ڪراچي ۾ پي ايس ايل فائنل ٿيڻ شهرين لاءِ خوشيون ٻيڻيون ڪرڻيون پونديون. سندس چوڻ هو ته فائنل ميچ يادگار بڻائڻ لاءِ شهري حڪومت هر ممڪن قدم کڻندي. ڪراچي جي ميئر وسيم اختر چيو ته شهر جي روڊن کي سجائڻ لاءِ انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن، ان حوالي سان رانديگرن جي روٽس جي روڊن جي صفائي جي شروعات ڪئي وئي آهي، حڪومتي ادارن جو هڪ ٻي سان رابطو ۽ سهڪار ضروري آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

چونڊن کان اڳ ڌانڌلي: سيوهڻ ۾ پوسٽل بيلٽ جي ذريعي ٺپا مافيا سرگرم، هڪ ڄڻو گرفتار

سيوهڻ(ويب ڊيسڪ) چونڊ 2018 کان اڳ وڏي ڌانڌلي جي خبر اچي وئي آهي، سيوهڻ ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے