25 بدھ , اپریل 2018

نيوز: ڏهرڪي: پراڻي زميني تڪرار تان هٿياربندن جي چڙهائي،گهر ڌڻين تي تشدد

*ڏهرڪي ڀرسان پراڻي زميني تڪرار تان هٿياربندن جي ڳوٺ تي  چڙهائي ، گهر ڌڻين تي تشدد، جوابدار گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪرڻ جو مطالبو

ڏهرڪي ڀرسان ڳوٺ سائينڏنو ملڪ تي پراڻي زميني تڪرار تان هٿياربندن چڙهائي ڪري گهر ڌڻين کي سخت تشدد جو نشانو بڻايو

جهيڙي جي نتيجي ۾ دائود احمد،  ارباب، شفيع محمد،  مقصود احمد،  مسمار عائشھ  سخت زخمي ٿي پيا،  جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

 ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي شفيع محمد ملڪ ۽ ٻين چيو تھ  صبح سوير  الهوڌايو،  عبدالرشيد ، عبدالغفار ۽ ستار گهرن تي چڙهائي ڪري عورتن مردن ۽ ٻارڙن  کي تشدد جو نشانو بڻايو.

هنن ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو تھ  کان جوابدار گرفتار  ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ سخت  احتجاج ڪيو ويندو

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز: حيدرآباد: پوليس جي ڪاررر وائي، خالي گهر مان لکين روپيا هٿ

*حيدرآباد ۾ پوليس خالي گهر مان لکين رپيا هٿ ڪري ورتا آهن. لطيف آباد يونٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے