24 سومر , سيپٽمبر 2018

نيوز: ٽنڊو باگو: واھن ۽ شاخن ۾ ذرعي پاڻي جي کوٽ سبب ڏڪار واري صورتحال

*ٽنڊي باگي جي واھن ۽ شاخن ۾ ذرعي پاڻي جي کوٽ سبب ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿي وئي، ماڻهن سميت ڍور بھ اڃ ۾ پاهُه، فصلن جي سڪڻ سبب آبادگارن جا ٻئي هٿ مٿي تي اچي ويا

ٽنڊي باگي جي واھن ۽ شاخن ۾ ذرعي پاڻي جي کوٽ سبب ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿي وئي.

شادي لارج واھ،  اڪرم واھ،  نصيرواھ،  نئون ماڻڪ واھ،  پراڻوماڻڪ واھ سميت ٻين واهن ۾ واري اڏامي رهي آهي.

پاڻي جي کوٽ سبب پوکيل فصل بھ سڙي ويا،  جڏهن تھ  لاڙ ۾ ڏڪار واري صورتحال آهي، اڪثرمال وند ماڻهون مال جو چارو نه هجڻ ڪري لڏڻ تي مجبور ٿي ويا آهن.

مقامي رهواسين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تھ جر وارو پاڻي  کارو آهي جيڪو سندن استعمال ۽ مال جي پيئڻ جي لائق ناهي.

 ٻئي طرف آبادگارن جو چوڻ آهي ته تعلقي ٽنڊي باگي جي ماڻهن جو معاشي ذريعو زراعت ۽ مال آهي جيڪوپاڻي جي کوٽ جي ڪري مڪمل تباھ ٿي ويوآهي.

 هنن صوبائي ۽ وفاقي سرڪار  کان مطالبو ڪيو ته تعلقي ٽنڊي باگي ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ ختم ڪئي وڃي

هي به ڏسي سگهو ٿا

Khairpur: Strict security management have been made for Mehram ul Haram

نيوز: خيرپور : محرم الحرم دوران سڪيورٽي جا بهترين انتظام ڪياويا: ايس ايس پي خيرپور عمر طفيل

*ايس ايس پي خيرپور عمر طفيل چيو آهي ته محرم الحرم دوران سڪيورٽي جا بهترين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے