26 جمعرات , اپریل 2018

تحريڪ انصاف جو پيپلز پارٽي سان ڪو به اتحاد نه هو نه وري آهي: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي وائس چيئرمين شاهه محمود قريشي جو چوڻ آهي ته سندس پيپلز پارٽي سان ڪو به اتحاد نه هو ۽ نه ئي وري آهي. هن چيو ته سينيٽ چيئرمين جي چونڊ لاءِ پي ٽي آءِ جو سمجهوتو بلوچستان سان هو. شاهه محمود قريشي چيو ته جيڏهن سينيٽ چيئرمين ن ليگ جو چونڊو ته پارليامينٽ ۽ جمهوريت کي نقصان رسندو. پنهنجي بيان ۾ شاهه محمود قريشي پاڪستان مسلم ليگ ن کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته ن ليگ تڪرار واري رستي تي گامزن آهي، هنن کي سوچڻ گهرجي ته هو اهي ڪير جن ساڻن گڏ هئڻ جي باوجود به سندن ساٿ نه ڏنو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوام هاڻي خواجه آصف جي پاڇي کي به ووٽ ڏيندو: مريم نواز

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن اڳواڻ مريم نواز چيو آهي ته عوام …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے