24 سومر , سيپٽمبر 2018

لاهور ۾ پي ايس ايل جي ميچن لاءِ فوج ۽ رينجرز جي سيڪيورٽي جو فيصلو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب سرڪار پي ايس ايل پلي آف ميچن ۾ چار درجاتي جي سيڪيورٽي رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن تحت سيڪيورٽي لاءِ فوج ۽ رينجرز جي مدد ورتي ويندي. پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف جي صدارت هيٺ امن امان بابت ڪيبنٽ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءَ الله، نجم سيٺي ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پي ايس ايل جي لاهور ۾ ٿيل پلي آف ميچن جي سيڪيورٽي انتظامن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ رائيونڊ ڌماڪي جي شروعاتي رپورٽ به پيش ڪئي وئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پي ايس ايل جي ميچن ۾ چار درجا سيڪيورٽي رکي ويندي. اجلاس کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته پي ايس ايل جون ميچون قوم جي عزت جو معاملو آهي، ان ٽارگيٽ ۾ انشاءَ الله حفاظت سان ۽ پرامن نموني ڪامياب ٿينداسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Fake Bank Account Cases: I submitted an earlier pre-report report

جعلي بينڪ اڪائونٽ ڪيس: جي آءِ ٽي پهرين اڳڀرائي رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) جعلي بئنڪ اڪائونٽ ڪيس جي ٻڌڻي دوران گڏيل جاچ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے