23 سومر , جولاءِ 2018

ورلڊ ڪپ ڪواليفائرز: سپر سڪسز جي پهرين ميچ ۾ افغانستان هٿان ويسٽ انڊيز کي شڪست

هراري (اسپورٽس نيوز) افغانستان جي ڪرڪيٽ ٽيم سپر سڪسز رائونڊ جي پهرين ميچ ۾ ويسٽ انڊيز کي 3 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. آءِ سي سي ورلڊ ڪپ ڪواليفائرز جا دلچسپ مقابلا زمبابوي ۾ جاري آهن، جنهن جي سپر سڪسز رائونڊ جي پهرين ميچ ۾ ويسٽ انڊين ٽيم ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ مقرر اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 197 رنسون ٺاهي سگهي. شي هوپ 43، مارلن سميوئلز 36، ڪپتان جيسن هولڊر 28، ايون ليوس 27 ۽ هٽميئر 15 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته ڪرس گيل هڪ رنس جو مهمان ثابت ٿيو. افغانستان طرفان مجيب الرحمان 3، محمد نبي 2، جڏهن ته شرف الدين اشرف ۽ راشد خان هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي. جواب ۾ افغانستان جي ٽيم سخت مقابلي کانپوءِ 47.4 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي ٽارگيٽ پورو ڪري ميچ کٽي ورتي. فاتح ٽيم طرفان رحمت شاهه 68 رنسن جي ذميواراڻي اننگز کيڏي، جڏهن ته محمد نبي 31، سميع الله شنواري 27، نجيب الله زادران 19 ۽ گلبدين نيب 10 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا. ڪپتان راشد خان 13 ۽ شرف الدين اشرف 7 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا. ويسٽ انڊيز طرفان جيسن هولڊر 3، پال 2، جڏهن ته ملر ۽ ايشلي نرس هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي. ميچ جو بهترين رانديگر مجيب الرحمان کي قرار ڏنو ويو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان پنجين ون ڊي ميچ ۾ 131 رنسن تان ڪاميابي ماڻي زمبابوي کي وائيٽ واش ڪري ڇڏيو

بلاويو (اسپورٽس نيوز) پاڪستان آخري ون ڊي ميچ ۾ زمبابوي کي 131 رنسن تان شڪست …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے