23 آچر , سيپٽمبر 2018

پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ تيز، نئين دهلي ۾ پاڪستاني هاءِ ڪمشنر واپس طلب

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۽ ڀارت جي سفارتي لاڳاپن ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي آهي، پاڪستان نئين دهلي ۾ پنهنجو هاءِ ڪمشنر واپس طلب ڪري ورتو آهي. پاڪستان ۽ ڀارت ۾ سرحدي ڇڪتاڻ کانپوءِ سفارتي لاڳاپا به تيزيءَ سان خراب ٿي رهيا آهن. نئين دهلي ۾ پاڪستاني سفارتڪارن ۽ سندن گهرن وارن کي هيسائڻ کانپوءِ پاڪستان پنهنجي هاءِ ڪمشنر کي واپس گهرائي ورتو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل اسلام آباد ۾ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي  ٻڌايو ته دهلي ۾ پاڪستاني سفارتڪارن کي مسلسل هيسائڻ جو سلسلو جاري آهي. هن چيو ته سفارتڪارن کي هيسائڻ ڀارتي حڪومت جي ناڪاري آهي. ترجمان موجب پاڪستان هاءِ ڪمشنر کي فوري طور اسلام آباد طلب ڪيو ويو آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان هاءِ ڪمشنر  سهيل محمود کي صلاح مشوري لاءِ طلب ڪيو ووي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل جو چوڻ آهي ته سفارتڪارن کي هيسائڻ ڀارتي حڪومت جي ناڪامي آهي. هن چيو ته ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر کي پرڏيهي آفيس طلب ڪري احتجاج ڪيو، جوابدارن جون تصويرون ۽ وڊيو به فراهم ڪي پر ڀارتي سفارتڪارن جي حفاظت لاءِ ڪي به قدم نه کنيا. سندس چوڻ هو ته معاملو اسلام آباد ۽ نئين دهلي ٻنهي ۾ اٿاريو ويو آهي، وڌيڪ قدم کڻڻا پيا ته کڻنداسين، پنهنجي سفيرن جي حفاظت اسان لاءِ اهم آهي، ڀارت پنهنجي اندروني سياست ۾ ملوث ۽ استعمال نه ڪري. ڊاڪٽر فيصل  چيو ته پاڪستان کي والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم تي ڳڻتي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ ڀارتي سفارتڪارن کي روڪڻ جو ڪو به واقعو نه ٿيو آهي، جيڪڏهن ڪو واقعو ٿيو آهي ته ڀارتي هاءِ ڪميشن آگاهه نه ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته افغانستان جي مسئلي جو ڪو به فوجي حل ناهي، پاڪستان مفاهمتي عمل ۾ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي. ڊاڪٽر فيصل چيو ته ڀارت هٿيارن جي ڊوڙ ۾ شامل ٿي علائقي امن لاءِ خطرا پيدا ڪري رهيو آهي، پاڪستان ڏکڻ ايشيا ۾ هٿيارن جي ڊوڙ ۾ شامل ناهي، ڀارت سان هٿيارن جو ڪو به مقابلو ناهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شاهه محمود قريشي گڏيل قومن ۾ ڪشميرين جي حق لاءِ آواز اٿاري: مشعال ملڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواري مشعال ملڪ چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے