19 اربع , سيپٽمبر 2018

جي آءِ ٽي رپورٽ کي ثبوت طور پيش ڪرڻ واري اعتراض تي فيصلو محفوظ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) احتساب عدالت ۾ اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن ريٽائرڊ صفدر جي خلاف ايون فيلڊ ريفرنس جي ٻڌڻي  سڀاڻي تائين ملتوي ڪئي وئي آهي. وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ شريف خاندان جي خلاف احتساب عدالت جو جج محمد بشير نيب ريفرنس جي ٻڌڻي  ڪئي. احتساب عدالت شريف خاندان جي خلاف نيب ريفرنس جي ٻڌڻي جو آغاز ڪيو پر جي آءِ ٽي جي سربراهه واجد ضياءَ عدم موجودگي تي ٻڌڻي ۾ 10 وڳي تائين جو وقفو ڪيو ويو. عدالت اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف ۽ سندس ڌيءَ مريم نواز کي حاضري لڳائڻ بعد وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. احتساب عدالت جي آءِ ٽي رپورٽ کي ثبوت طور پيش ڪرڻ واري اعتراض تي محفوظ ڪري ورتو، مريم نواز جي وڪيل امجد پرويز اعتراض ڪيو هو، عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ فيصلو محفوظ ڪيو  مريم نواز جي وڪيل احتساب عدالت ۾ قانوني حوالو ڏيندي چيو ته رڳو والديم 3، 4 ۽ 5 ئي ان ڪيس بابت آهن جڏهن ته جي آءِ ٽي رپورٽ جا ٻيا واليم ۽ ڪيتريون ئي شهادتون قبول ناهن. امجد پرويز چيو ته جاچ پاڻ بڻائي دستاويزن کي ثبوتن طور پيش نٿو ڪري سگهجي، جي آءِ ٽي رپورٽ جي صداقت کي چيلينج ڪرڻ جو حق سپريم ڪورٽ ڏنو. مريم نواز جي وڪيل چيو ته جي آءِ ٽي جو ڪهڙو واليم ڪهڙي ريفرنس بابت آهي اهو عدالت کي ڏسڻو آهي جڏهن ته نيب پراسيڪيوٽر طرفان مريم نواز جي وڪيل جي اعتراض تي مخالفت ڪئي وئي. نيب پراسيڪيوٽر سردار مظفر چيو ته جي آءِ ٽي رپورٽ اسان جا پبلڪ دستاويز آهن ۽ اسان جو اهم ترين ثبوت آهن. 3 واليم لاڳاپيل آهن ته باقي ڇو نه؟ هن چيو ته واجد ضياءَ ڪڏهن به جي آءِ ٽي جو جاچ آفيسر ناهي رهيو، ان حوالي سان وڪيل جا اعتراض اڻ لاڳاپيل آهن. پراسيڪيوٽر نيب چيو ته جي آءِ ٽي جوڙڻ، رپورٽ ڪنهن به فورم تي چيلينج ناهي ڪئي وئي، رپورٽ هن وقت تائين پبلڪ دستاويز آهن جڏهن ته واجد ضياءُ جي آءِ ٽي جو سربراهه هو، عدالت جاچ آفيسر مقرر ناهي ڪيو. سردار مظفر چيو ته جي آءِ ٽي جو جوابدارن مطالبو ڪيو، پوءِ پيش ٿيا، ثبوت به ڏنا ۽ نيب جاچ دوران واجد ضياءَ جو بيان رڪارڊ ڪيو. احتساب عدالت ۾ ٻڌڻي دوران جي آءِ ٽي جي سربراهه واجد ضياءَ جو بيان پڻ قلمبند ڪيو ويو جڏهن ته ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪئي وئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

محرم الحرام: مرڪزي جلوسن جي سيڪيورٽي لاءِ ايم اي جناح روڊ سيل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) محرم الحرام دوران جلوسن جي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ لاءِ ايم اي جناح …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے