18 سومر , جون 2018

ڀارت ۾ سفارتي عملي ۽ سندن ٻارن کي هراسان ڪرڻ جو سلسلو بند ناهي ٿيو: پاڪستان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان دعويٰ ڪئي آهي ته ڪيترائي ڀيرا باضابطي طور آگاهي توڙي احتجاج ڪرڻ باوجود ڀارت ۾ اسان جي سفارتي عملي ۽ سندن گهر ڀاتين کي هراسان ڪرڻ جو سلسلو بند ناهي  ٿيو. پرڏيهي کاتي نئين دهلي ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن طرفان هڪ بيان جاري ڪندي ٻڌايو آهي ته ڀارتي رياستي (انٽيليجنس) ايجنسين طرفان ڪجهه ڏينهن دوران اهڙن واقعن ۾ تيزي ڏٺي وئي آهي. بيان ۾ ڪجهه واقعن جا تفصيل به فراهم ڪيا ويا آهن، جن ۾ سفارتي عملي جي ٻارن جو اسڪول کان گهر وڃڻ دوران پيڇو ڪرڻ ۽ کين هراسان ڪرڻ کانسواءِ عملي جي ٻين ميمبرن توڙي هاءِ ڪميشن لاءِ ڪم ڪندڙن کي به هراسان ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. بيان موجب 9 مارچ تي هاءِ ڪميشن ۾ مقرر بحري معاملن جي صلاحڪار جي گاڏي جو جارحاڻي انداز ۾ پيڇو ڪيو ويو، جڏهن ته ساڳي ڏينهن سياسي قونصلر کي به اڻڄاتل ماڻهن زبردستي هڪ ٽيڪسي مان لاهي بداخلاقي جو مظاهرو ڪندي کيس ڌمڪيون ڏنيون ويون ۽ سڄي واقعي کي عڪسبند به ڪيو ويو، ان سان گڏوگڏ هاءِ ڪميشن جي رهائشي ڪامپليڪس لاءِ قدرتي گئس جي فراهمي کي به بند ڪيو ويو، جڏهن ته هاءِ ڪميشن لاءِ ڪم ڪندڙ ٽيڪنيڪي عملي کي به ڪم کان روڪيندي ڌمڪيون ڏنيون ويون. بيان موجب قونصلر جي ٻارن کي اسڪول مان کڻي ايندڙ گاڏي جو ڪارن ۽ موٽر سائيڪلن تي سوار اڻڄاتل ماڻهن رستو روڪيو، جڏهن ته خوف ۾ ورتل ٻارن جون تصويرون ڪڍڻ سان گڏوگڏ ويڊيوز به ٺاهيون ويون. اهڙي صورتحال کي نظر ۾ رکندي اسلام آباد ۾ مقرر نائب ڀارتي هاءِ ڪمشنر جي پي سنگهه کي پرڏيهي آفيس طلب ڪري باضابطا طور احتجاج ڪندي ڀارتي حڪومت تي ويانا ڪنوينشن تحت سفارتي عملي ۽ سندن گهر ڀاتين جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ تي زور ڏنو ويو آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

فيصل آباد ۾ بس هوسٽس جو قتل، پنجاب جي نگران وڏي وزير نوٽيس ورتو

لاهور(ويب ڊيسڪ) فيصل آباد ۾ بس هوسٽس  جي قتل واري واقعي جو نگران وڏي وزير …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے