18 سومر , جون 2018

برطانيا طرفان 23 روسي سفارتڪار ملڪ بدر ڪرڻ کانپوءِ ٻنهي ملڪن ۾ ڇڪتاڻ

لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانيا طرفان 23 روسي سفارتڪارن کي ملڪ بدر ڪرڻ واري فيصلي کانپوءِ ٻنهي ملڪن ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. گذريل 30 ورهين ۾ اهو پهريون ڀيرو آهي جو برطانيا وڏي انگ ۾ سفارتڪارن کي ملڪ بدر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. برطانوي پارليامينٽ جي هڪ اجلاس ۾ وزيراعظم ٿريسا مي جو خطاب ڪندي چوڻ هو ته اهو فيصلو ڊبل ايجنٽ تي ڪيميائي گئس حملي کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي. سندس موجب ڊبل ايجنٽ سرگئي سڪرپل تي حملي ۾ جيڪڏهن روس پڪيون شاهديون مليون ته اسان پنهنجي ملڪ ۾ موجود روس جا اثاثا ضبط ڪري ڇڏينداسين، ان سان گڏوگڏ هلندڙ سال روس ۾ ٿيندڙ فٽبال ورلڊ ڪپ ۾ شاهي خاندان جا ميمبر ۽ وزير به شرڪت نه ڪندا. ٿريسا مي هڪ ڀيرو ٻيهر روس تي زور ڀريندي چيو آهي ته ماسڪو حڪومت ڊبل ايجنٽ ۽ سندس ڌيءُ تي ٿيندڙ حملي ۾ ملوث هجڻ يا نه هجڻ بابت جواب ڏئي. واضح رهي ته سڪرپل 2004ع ۾ ماسڪو ۾ گرفتاري کان اڳ برطانوي ڳجهي اداري کي ڪيترن ئي روسي جاسوسن جي مخبري ڪئي هئي. 2006ع ۾ سڪرپل ۽ وڌيڪ 13 ڄڻن کي سزائون ٻڌايون ويون هيون. 2010ع ۾ برطانيا سان هڪ روسي جاسوس جي ڳالهين دوران کيس آزادي ملي ۽ اهي برطانيا پهچي ويا. 66 ورهين جو سڪرپل ۽ سندس 33 ورهين جي ڌيءُ 4 مارچ تي ڏکڻ انگلينڊ جي شهر سيلسبري ۾ بيهوشيءَ واري حالت ۾ هٿ آيا هئا ۽ اڃا تائين سندن حالت نازڪ آهي. هوڏانهن آمريڪا ۽ يورپي يونين برطانيا سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي، جڏهن ته روس برطانيا جي الزامن کي بي بنياد قرار ڏنو آهي. اهڙي صورتحال ۾ برطانيا ۽ روس جا لاڳاپا ڇڪتاڻ جو شڪار ٿي ويا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

فيصل آباد ۾ بس هوسٽس جو قتل، پنجاب جي نگران وڏي وزير نوٽيس ورتو

لاهور(ويب ڊيسڪ) فيصل آباد ۾ بس هوسٽس  جي قتل واري واقعي جو نگران وڏي وزير …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے