25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

انجيلا ميرڪل چوٿون ڀيرو جرمن چانسلر چونڊجي وئي

برلن (ويب ڊيسڪ) جرمن پارليامينٽ انجيلا ميرڪل کي چوٿون ڀيرو چانسلر جي عهدي لاءِ چونڊي ورتو آهي. ايون ۾ ٿيل ووٽنگ دوران ميرڪل جي حق ۾ 364 ووٽ پيا، جڏهن ته 315 ميمبرن ان جي مخالفت ڪئي. ميرڪل ۽ سندس ڪابينا پارلياماني راءِ شماري کانپوءِ حلف کڻي ورتو آهي. گذريل سال سيپٽمبر ۾ ٿيل چونڊن جي لڳ ڀڳ 6 مهينن کانپوءِ جرمني ۾ حڪومت قائم ڪرڻ وارو عمل ممڪن ٿي سگهيو آهي. جرمني جي اتحادي حڪومت چانسلر ميرڪل جي سي ڊي يو، سندس هم خيال پارٽي سي ايس يو ۽ سوشل ڊيموڪريٽڪ پارٽي تي ٻڌل آهي. انجيلا ميرڪل جرمني جي تاريخ ۾ چار ڀيرا چانسلر بڻجندڙ پهرين سياستدان ٿي وئي آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومن کي مداخلت جو ڪو حق ناهي: ميانمار فوجي سربراهه

نائپيدا (ويب ڊيسڪ) ميانمار فوج جي سربراهه چيو آهي ته گڏيل قومن جي اسان جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے