18 سومر , جون 2018

اسان کي عدليه تي نه پر خدشا ڪجهه فيصلن ۽ ريمارڪس تي آهن: خواجا سعد رفيق

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ طرفان پنهنجي خلاف توهين عدالت جي درخواست رد ٿيڻ کان پوءِ خواجا سعد رفيق جو موقف سامهون اچي ويو ۽ هن چيو ته اسان کي عدليه تي خدشا ناهر پر ڪجهه فيصلن يا ريمارڪس تي آهن. مائيڪرو بلاگنگ ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽس ۾ خواجا سعد رفيق چيو ته توهين عدالت جون درخواستون رد ڪرڻ سان عدالتي وقار ۾ اضافو ٿيو آهي، توهين عدالت جو ڪڏهن سوچيو به ناهي عدليه جي احترام کي هميشه لازم سمجهيو آهي. عدليه جي بحالي تحريڪ ۾ دل ۽ جان سان حصو ورتو ۽ جيل ڪاٽيا. هن وڌيڪ چيو ته عدليه تي نه پر ڪجهه فيصلن ۽ ريمارڪس تي خدشا آهن. قومي ادارن ۾ تلخيون پيدا ڪرڻ وارا خدا جو خوف ڪن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

فيصل آباد ۾ بس هوسٽس جو قتل، پنجاب جي نگران وڏي وزير نوٽيس ورتو

لاهور(ويب ڊيسڪ) فيصل آباد ۾ بس هوسٽس  جي قتل واري واقعي جو نگران وڏي وزير …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے