25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

نيب ريفرنس جي ٻڌڻي دوران نواز شريف جي بئنڪ اڪائونٽ جا تفصيل پيش

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) شريف خاندان خلاف نيب جي العزيزيه ريفرنس جي ٻڌڻي دوران فريادي ڌر جي شاهد نورين شهزادي نواز شريف ۽ سندس پٽ حسين نواز جي بئنڪ اڪائونٽس جا تفصيل پيش ڪيا. اسلام آباد ۾ احتساب عدالت جي جج محمد بشير شريف خاندان خلاف نيب ريفرنسز جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران العزيزيه ريفرنس ۾ فريادي ڌر جي شاهد نورين شهزاديءَ جو بيان قلمبند ڪيو ويو. بيان قلمبند ڪرائڻ دوران نورين شهزادي نواز شريف جي پٽ حسين نواز جي اڪائونٽس جا تفصيل پيش ڪيا جڏهن ته نواز شريف جي وڪيل خواجه حارث شاهد جي دستاويزن تي اعتراض داخل ڪيو. شاهد ٻڌايو ته نواز شريف جو اڪائونٽ 2009ع ۾ کوليو ويو، اڪائونٽ کولڻ جي فارم ۾  کيس چوڌري شگر ملز جو سي اي او لکيو ويو، اڪائونٽ کولڻ جو مقصد ڪاروبار مان ٿيندڙ بچت رکڻ آهي. نواز شريف جي وڪيل رڪارڊ تي اعتراض واريندي چيو ته اوپننگ فارم ۽ ڪي وائي سي ۾ اڪائونٽ ٽائپ ۾ تضاد آهي، اوپننگ فامر ۾ اڪائونٽ ٽائپ جي خاني ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ جي خاني ۾ نشان لڳايو ويو. شاهد نورين شهزادي ٻڌايو ته صارفين جي اصرار تي ڪي وائي سي فارم ۾ سيونگ لکيو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومن کي مداخلت جو ڪو حق ناهي: ميانمار فوجي سربراهه

نائپيدا (ويب ڊيسڪ) ميانمار فوج جي سربراهه چيو آهي ته گڏيل قومن جي اسان جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے