25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

سياست ۾ جوتا ڪلچر آڻڻ جو ذميوار عمران خان آهي: راڻا ثناءُ الله جو الزام

لاهور(ويب ڊيسڪ) قانون واري صوبائي وزير راڻا ثناءُ الله چيو ته جيڪڏهن پارٽين جي سربراهن ذميواراڻو رويو اختيار نه ڪيو ته هر ڪو جوتا ڪلب جو ميمبر بڻجي ويندو. هن چيو ته جوتا ڪلب ۾ شيخ رشيد ٽاپ ڪندو ڇو ته راولپنڊي ۾ ڪيترائي ماڻهو ان جي پٺيان آهن. قانون واري صوبائي وزير ميڊيا سان ڳالهائيندي جوتا بازي، نفرت ۽ پرتشدد روين جو ذميوار عمران خان قرار ڏئي ڇڏيو. هن چيو ته جڏهن مخالف کي پڪڙيو، ماري ڇڏيو ۽ گيهليو واريون تقريرون ٿينديون ته پوءِ ڪارڪنن جو رد عمل فطري هوندو. هن چيو ته جوتا بازي شروع ٿي ته اها شدت پسندي کي ايجاد ڪرڻ وارو عمران خان آهي. راڻا ثناءُ الله جو چوڻ هو ته 2018ع جي اليڪشن ۾ سياسي انجنيئرنگ نه ٿي سگهندي. اليڪشن ضرور ٿيندي ڇو ته روڪڻ وارن پاڻ پارٽي بڻائي ڇڏي آهي. هن چيو ته آصف زرداري ۽ عمران خان اسٽيبلشمينٽ جا چهرا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي ڪري ڇڏي، 25 ڄڻا فوت

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي مچائي ڇڏي جنهن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے