22 جمعو , جون 2018

ڪراچي: نادرا جي چيئرمين عوامي شڪايتن تي ڊي جي نادرا سنڌ سميت 2 ڊپٽي ڊائريڪٽرن کي معطل ڪري ڇڏيو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) نادرا جي چيئرمين عثمان مبين عوامي شڪايتن تي ڊي جي نادرا سنڌ انيس ڪياني کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو جڏهن ته 4 سينيٽرن جي انچارجن کي به معطل ڪري ڇڏيو. ميڊيا جي رپورٽن موجب نادرا جي چيئرمين عثمان مبين ڪراچي جي مختلف نادرا سينيٽرن جو دورو ڪيو ۽ ماڻهن کان مسئلا پڇيا جنهن تي ماڻهن نادرا عملي جي رويي خلاف ڳالهايو. نادرا جي چيئرمين عوامي شڪايتن تي ڊي جي نادرا سنڌ انيس ڪياني سميت 2 ڊپٽي ڊائريڪٽرن کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو جڏهن ته 4 سينٽرن جي انچارجن کي به معطل ڪري ڇڏيو. نادرا جي چيئرمين مير جعم کي نئون ڊي جي نادرا سنڌ، تيمور راٺهور ڊائريڪٽر ميگا سينٽر ۽ سهيل احمد ڊائريڪٽر آپريشن مقرر ڪري ڇڏيو 7 اسلام آباد مان ڊپٽي ڊائريڪٽر نادرا کي ڪراچي طلب ڪري ورتو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ جا نگران وزير ڏکيائين جو شڪار، ڪو به سرڪاري آفيسر کين کنگهڻ لاءِ تيار ناهي

 ڪراچي( ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ سياسي ڀرتين جو نقصان  نگران کي ڀوڳڻو پئجي رهيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے