22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

نيوز : حيدرآباد: قتل ٿيل ناري جي وارثن  جو قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

*حيدرآباد ۾  6 مهينا اڳ قتل ٿيل ناري جي وارثن  قاتلن جي گرفتاري ۽ سندن نالا ڪيس مان  خارج ڪرڻ خلاف  احتجاج ڪيو  .

ڳوٺ گل محمد ڇلگري ۾ 6 مهينا اڳ  قتل ٿيل ناري امينه  جي وارثن  محمد اسلم مري، گل محمد مري ۽ دريا خان مري جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو .

مقتول ناري  امينه  جي وارثن الزام هنيو ته 3 آڪٽوبر 2017 تي سندن نياڻي کي قتل ڪيو ويو ،جاچ بعد خبر ڪئي ته امينه کي  سندس  مڙس سلام الدين  ۽ سهري گل دين قتل ڪيو

 هنن ٻڌايو ته جوابدارن  خلاف ڇلگري ٿاڻي تي ناري کي قتل ڪرڻ جو  ڪيس پڻ داخل ڪرايو ويو .

 هنن الزام هنيو ته پوليس رشوت وٺي جوبدارن  جا نالا ڪيس مان خار ج ڪري ڇڏيا آهن  ۽ پوليس ناري جو خون لوڙهڻ چاهي ٿي .

هنن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا کي اپيل ڪئي آهي سندن نياڻي جي قاتلن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائي انصاف فراهم ڪيو وڃي

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | چمبڙ: عاشوري جي موقعي تي ماتمي جلوس ڪڍيو ويو

چمبڙ ۾  عاشوري جي موقعي تي مرڪزي ماتمي جلوس ڪڍي ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے