19 اڱارو , جون 2018

سنڌ جي زراعت جي مرحلي وار تباهي….. سنڌي معيشت جي تباهي آهي

گذريل سال کان وٺي اسان سنڌ ۾ ڪمند جي آبادگارن پاران ڪمند جو مناسب اگهه نه ملڻ خلاف احتجاجن جا ڪيئي منظر ڏسندا رهيا آهيون، جيڪي تاحال جاري آهن.

سنڌ جي ڪمند جي آبادگارن جو فقط ايترو چوڻ آهي ته ”اسان کي ڪمند جو  ايترو اگهه ڏيو جو نقصان کان بچي وڃون، باقي منافعو رهيو ٻنِ“،  سنڌ ۾ مجموعي طور تي آبادگارن ۽ خاص طور تي گذريل سال کان وٺي ڪمند جي آبادگارن ناانصافين خلاف احتجاج جي جهڙوڪر هڪ ڊگهي تحريڪ شروع ڪري ڇڏي آهي، سندن احتجاج جي فقط هڪ ئي ايجندا آهي ته کين ڪمند جو مقرر ڪيل سرڪاري اگهه ڏنو وڃي ته جيئن هو نقصان کان بچي سگهن ۽ سندن کيتي سر سيتيءَ جو سلسلو جاري رهي سگهي پر کنڊ جي ڪارخانن جي منتظمن. کنڊ جي ڪارخانن جي مالڪن جي تنظيمن، ۽ بااثر ڌرين ڪمند جي آبادگارن جي سڄي سال جي احتجاج دوران هڪ به نه ٻڌي ۽ مقرر ڪيل سرڪاري اگهه جيڪو 160 روپيه في مڻ آهي کان 30 روپيه گهٽ اگهه تي ڪمند خريد ڪيو ۽ آبادگار مجبور رهيا ته هو 130 روپيا في مڻ وڪرو ڪن ٻي صورت ۾ ڪمند جي سڪڻ سان هو وڌيڪ نقصان ۾ ويندا ۽ ڪمند جي واڍي نه ٿيڻ سان هو ايندڙ مند جو فصل پڻ پوکي نه سگهندا.

آبادگارن جو ڪمند جي مناسب اگهه لاءِ احتجاج ڪو ناجائز مطالبي تي ٻڌل نه پيو لڳي ڇو-؛ جو ڪمند جو اهو 160 روپيا في مڻ اگهه سرڪار مقرر ڪيو هو ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ انهيءَ اگهه جي عدالتي طور تي منظوري پڻ ڏني هُئي.

سنڌ جا آبادگار ڪمند جي مناسب اگهه لاءِ احتجاج جي انهيءَ منزل تائين ويا جيستائين احتجاج جي حد تائين ڪا سياسي پارٽي ئي وڃي سگهي ٿي، مثلن سياري جي ٿڌين راتين ۾ هاءِ ويز تي ڌرڻا هڻي هفتن تائين ويهي رهڻ، عدالت کان وٺي ميڊيا جي هر اداري تائين دانهن پهچائڻ ۽ سرڪار کي الڳ منٿون ميڙون ڪرڻ، سنڌ جي آبادگارن هر اهو جائز طريقو اختيار ڪيو جيڪو احتجاج لاءِ اختيار ڪري سگهجي ٿو.

ٻئي طرف اڄ تائين اها ڳالهه آبادگارن سميت ميڊيا جي ماڻهن ۽ سنڌ جي ساڃاهه وندن لاءِ انتهائي حيرت جهڙي رهي آهي ته آخر اُها ڪهڙي طاقت آهي جيڪا آبادگارن کي سندن جائز حق ڏيارڻ اڳيان رڪاوٽ بڻيل آهي، عدالت کان مٿاهين آهي ۽ حڪومت جو حڪم به سندس آڏو ڪا اهميت نه ٿو رکي، پر ڪيترن موقعن تي اهو محسوس ٿيڻ لڳندو آهي ته جهڙوڪر حڪومت بذات خود کنڊ جي ڪارخانيدارن سان ٻِٽُ بيٺي آهي.

سنڌ جي آبادگارن جي احتجاج کي مان نه ملڻ پويان ڪيتريون سوچون، بيان ۽ ڊاڪٽرائن جڙن ٿيون،انهن کان قطئه نظر جيڪڏهن اسان ان معاملي کي سادي نموني ڏسڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته اسان کي شيون صاف نظر اينديون.

سنڌ جي آبادگارن جي تنظيم جي اڳواڻن هڪ پريس ڪانفرنس ۾ چيو آهي ته سنڌ حڪومت، پاسما ۽ کنڊ جي ڪارخانيدارن جي ملي ڀڳت ڪري هن وقت تائين ڪمند جي آبادگارن کي 24 ارب روپين جو نقصان پهتو آهي، جيڪو مسلسل وڌي رهيو آهي،

آبادگارن موجب ڪمند جي فصل جي دير سان واڍيءَ ڪري اسين ايندڙ موسم جو فصل به پوکڻ جي لائق نه رهيا آهيون جنهن ڪري پڻ سنڌ جي آبادگارن کي اربين روپين جي نقصان ٿيڻ جو  پڪو امڪان آهي ۽ مٿا وري سنڌ ۾ پاڻي جي 60/ سيڪڙو کوٽ ويتر آبادگارن جي چيلهه ڀڃي ڇڏي آهي.، سنڌ ۾ ڪيئي اخباري رپورٽن موجب پاڻيءَ جي کوٽ ايتري قدر ته وڌي وئي آهي جو هاڻي مُردن کي تڙ ڏيڻ لاءِ پڻ پاڻي دستياب ناهي.

مٿئين صورتحال اهو چٽي نموني ثابت ڪري رهي آهي ته هڪ طرف سنڌ جي آبادگارن کي پوکيل فصلن جو مناسب اگهه نه پيو ملي ۽ ٻيو ته فصل پوکڻ لاءِ پاڻي دستياب نه آهي، مجموعي طور تي اها اهڙي صورتحال آهي جيڪا سنڌين جي معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي ڀڃڻ لاءِ ڪافي آهي.

سنڌ جي ننڍڙن آبادگارن سميت وچولي درجي جو آبادگار ۽ ڪروڙين ماڻهو جي گذر سفر جو واحد ذريعو هارپو ۽ هارپي سان سلهاڙيل اسمن جي اُپت ۽ کپت آهي، آبادگارن کي ڪمند جو مناسب / طئه ٿيل سرڪاري اگهه نه ملڻ ۽ پوک لاءِ پاڻي جو دستياب نه هجڻ اهڙا اَمر آهن جيڪي مجموعي طور تي سنڌي ماڻهن جي زراعت کي تباهه ڪري رهيا آهن.،

اسين سمجهون ٿا ته دنيا جي ڪا به قوم ۽ ان جي معيشت تيستائين پنهنجي پيرن تي بيهي نه ٿي سگهي جيستائين پيداواري قوتن جي فائدي جو خيال نه رکيو وڃي، اسان جو سنڌي سماج اڄ به زرعي سماج ۾ ساهه کڻي رهيو آهي ۽ زرعي قدرن واري دنيا ۾ جِي رهيو آهي، سنڌي سماج جا نوي سيڪڙو ماڻهو اڄ به سڌي ۽ اڻ سڌي طور تي زراعت جي شعبي سان سلهاڙيل آهن ۽ حقيقت حال هي آهي ته انهن جي مفادن جو نه ته تحفظ ڪيو پيو وڃي ۽ نه ئي انهن جي وسيلن کي بهتر بڻائن جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، پر انهيءَ سڄي مامري جو افسوس جوڳو پهلو هي آهي ته سنڌ حڪومت بذات خود  آبادگارن جي مفادن خلاف کنڊ جي ڪارخانيدارن سان بِٽُ بڻيل آهي.

معاشري ۾ جڏهن انصاف نه ٿيندو ۽ حڪومت پورهيت طبقي ۽ زرعي آبادگارن ۽ انهن جي جائز حقن جو تحفظ نه ڪندي جيڪي پاڻ حڪومت طئه ڪيا آهن ته نتيجي طور سماج ۾ ترقيءَ بجاءِ تباهي ٿيندي ۽ هڪ بيچيني ۽ انارڪيءَ واري صورتحال پيدا ٿيندي، آبادگار هاڻي انهيءَ مرحلي تي پهتل آهن جتان هو بار بار پاڻ کان سوال ڪن ٿا ته آخر دانهن ڪنهن کي ڏيون ۽ انصاف ڪنهن کان گهرون.

اسين اهو سمجهڻ ۾ حق بجانب آهيو ته سنڌ جي آبادگارن جي جيڪڏهن معاشي تباهي ٿئي ٿي ته اُها معاشي تباهي مجموعي طور تي سنڌ ۽ سنڌين جي معيشت جي تباهي ٿيندي ۽ سنڌ حڪومت جهڙوڪر ان تباهيءَ لاءِ ذميوار آهي ۽ رهندي، بهتر اهو ئي ٿيندو ته سنڌ حڪومت پنهنجو اختيار استعمال ڪندي سنڌ جي آبادگارن جي دانهن ورنائي انهن کي ڪمند ۽ ڪڻڪ جو مناسب اگهه ڏياري پنهنجو ڪردار ادا ڪري ۽ سنڌين جي معيشت کي ترقي ڏياري.

اربع 14 مارچ  2018ع، 25 جمادي الثاني 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڻيءَ جي منصفاڻي ورڇ يقيني ٿيڻ گهرجي

ميڊيائي اطلاع آهن ته ملڪ جي درياهن ۽ ڊيمن جي وهڪرن ۾ بهتريءَ باوجود سنڌ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے