25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

آئين ۽ ان جي  احترام جو حقيقي مفهوم۽ معنيٰ 

سڪندر عباسي

بحث ۾ اڳتي وڌڻ کان اڳي آئين جي هن وصف کي ذھن ۾ رکڻ ضروري آ ته : آئين مان مراد آهي، بنيادي اصولن ۽ قائدن ، قانونن جو اهومجموعو جيڪو حڪومتي اختيارن ۽ فرضن جو تعين ڪري ۽ شھرين جي حقن جي گارنٽي  ڏي  انگريزي ۾ مختصر طور تي ائين کڻي چئجي  ته

The mode in which a state or society is organized

جمهوري انقلابن جي دؤرن ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ  دنيا  اندر  آئيني سياست  ۽ آئيني حڪمراني جو بول بالا ٿيو آهي۽جمهوريت هڪ سياسي مذهب جو روپ وٺي بيٺي آهي ۔ جيئن ڪنهن آسماني مذهب اندر منافقت لاءِ ڪا فڪري گنجائش نه ٿي هجي  ، بالڪل ائين هنٰ  ٰ سياسي مذهب ۾ به منافقت  political double standard  لاءِ فطري ڌڪار  (intrinsic abhorrence) ئي ملي ٿي۔اها الڳ ڳالهه آهي ته انساني دنيا ۾ هر طرح جي منافقت جيان سياسي منافقت جي روش به جاري ساري رهي آهي۔۔الا ماشآ الله۔۔ڪجهه ئي اهڙا سياستدان تاريخ جي ورقن ۾ زنده جاويد نظر اچن ٿا جن منافقت جي اهڙي ڪاري ڪاروبار ۾ پنهنجا هٿ  ۽دامن  بالڪل به صاف رکيو  آهي۔ انهن جو جمهور ( عوام ) ۽ جمهوري قدرن  ۾ اهڙو ويساهه رهيو جهڙو حقيقي مذهبي مؤمن جو پنهنجي معبود ۽ آسماني صحيفي ۾ هجي ٿو۔ جمهوري قدرن ۾ ويساهه رکڻ کانسواءِ ڪو به شخص جمهوري مؤمن ٿي نه ٿو سگهي ۔ جمهوري قدرن جي مجموعي کي آئين ، دستور ۽ constitution چئبوآهي۔ ٗ آئين ٗ  ۽ دستور ٻئي  فارسي الاصل لفظ آهن ۔عربي ۾ آئين ۽ دستور کي دين   چيو وڃي ٿو۔۔ الناس على دين ملوڪهم ۔۔۔يعني ماڻهو پنهنجي بادشاهه جي دين ( دستور ) تي هلندڙ هونداآهن۔ فارسي جي هن شعر کي ڏسو جنهن ۾ دين ۽ آئين مترادف لفظ جي طور استعمال ٿياآھن

هزار آفرين بر من و دين- من

ڪه منعم پرستيست آئين من

( يعني مون تي ۽  منهنجي دين تي هزار آفرين آهي  ڇوته پنهنجي منعم (پروردگار ) جي پرستاري ئي منهنجو آئين آهي )۔ڳالهھ کي سولو ڪجي ته آئين درحقيقت ڪنهن به قوم جي سياسي رويي   political behavior ۽ طرز حڪمراني جي قدرن (governing values) جو مظهر ۽ آئينه دار هوندو آهي۔ مثال طور هينئن سمجهو ته جڏهن چنڊ سج کان روشني اڌاري وٺي رات ۾  روشني ڏئي ٿو ته پوءِ چنڊ سج جي روشني جو آئنيه دار ٿي پوي ٿو۔ بالڪل ائين ديني قدرن ( divine values)جو حامل فرد به خدا جي عظمت ۽ شان جو آئينه دار هجي ٿو۔آئين ۽ آئيني جي ان معنوي قربت کي غالب جي هن شعر جي حوالي سان بهتر طور تي سمجهي سگهجي ٿو ۔

آئينه دار پرتو مہر است ماہتاب

شان حق آشکار ز شان محمد است

تیر قضا ہر آئینہ در تر کش حق است

اما کشاد آں ز کمان- محمد   است

ھتي   آئينه دار   ۽   هر آئينه  جي لفظن جي معني مفهوم کي ذهن ۾ رکڻ سان  لفظ    آئين   جو مطلب واضح ٿي وڃي ٿو ۔جيئن آئينو منهن مهانڊي جو صحيح عڪس ڏيکاري ٿو بالڪل ائين   آئين يا دستور  به ڪنهن ملڪ ۽ قوم  جي نظم- حڪمراني ، سماجي طور طريقن، اصولن دنياوي امنگن ۽ سياسي عقيدي ايمان جو آئينه دار هجي ٿو يعني آئين  قوم ملڪ سلطنت جي لاءِ آئينو هجي ٿو۔ ان آئيني  (  آئين ) ۾ ڏسي ڪري ٻڌ ائي سگهجي  ٿو ته هن ملڪ ۽ قوم جو  نڪ نقشو ڪهڙو آهي ۔هتي هيءَ ڳالهھ ذھن ۾ رهڻ گهرجي ته ڪنهن به  ملڪ اندر مذهبي اعتبار کان، لساني لحاظ ۽ صوبائي امتياز جي حوالي کان  قومي شناخت جا الڳ الڳ  اھڃاڻ ڇو نه ملن پر سياسي اعتبارکان  سموري ملڪ جا سڀ شھري بلا امتياز هڪ ئي قوم هجن ٿا۔

ڪو به آئين تڏھن ئي جديد دؤر ۾ بين الاقوامي مڃتاماڻي سگهي ٿو جڏهن اهو جمهوري اصولن مطابق بلا امتياز سڀني ملڪي ماڻھن کي هڪ قوم ڪري ڏسندو۔ ملڪ توڻي قوم اندر ڪيترائي مذهبي ۽ لساني گروهه ڇو نه ھجن، جمهوري آئين لاءِ ضروري آھي ته ھر طرح جي تفريق ( schism)کان مٿانهون ٿي ملڪ جي سموري قوم کي هڪ اک سان ڏسي ۽ سڀني شھرين جي انساني ۽ جمهوري حقن جي آئينه داري جو حق ادا ڪري۔اهڙي ئي آئين  جي لاءِ ملڪ  جي هر  هڪ شھري جي دل اندر  عزت ۽ احترام جو جذبو   پئدا ٿئي ٿو برعڪس ان جي جيڪو آئين مخصوص گروه جي جذباتي ۽مفاداتي ترجماني جي  آئينه داري تائين محدود رهجي وڃي ٿو تنهن کي  قومي آئين جي طورتي انساني ضمير قبولي نٿو سگهي۔  هڪ  اهڙي   آئين ساز اسيمبلي ‘ جيڪا  هر طرح جي تفريق کان مٿانهين ٿي  گڏيل انتخاب جي نظام ( collective electorial system) هيٺ چونڊجي آئي هجي ۽ جنهن جي اڪثريت  سيڪيو لر  نظريي ۾  ويساهه رکندڙ پارٽي جي ميمبرن تي ٻڌل هجي ، تنهن کي ته اهو حق بالڪل به نٿو پهچي ته اها ڪنهن اهڙي آئين يا آئيني شق کي متعارف ڪرائي جيڪا بحيثيت مجموعي قوم جي فڪر خيال ۽ جمهوريت جي سيڪولر اصول جي خلاف هجي۔ اهو پارٽي جي مينيفسٽو جي به خلاف ٿيندو۔ افسوس اهو آهي ته سن 1973جي آئين سان اهڙو ئي طريقو سندس mother assembly  پاڻ ئي روا رکيو۔ تنهان بعد مارشلائي ۽عدالتي ڳٺ جوڙ سان آئين کي ڌڙ ريڍو- سسي ٻاڪري  (hybrid)  جو معجون مرڪب بڻايو ويو۔.

اهڙي ئي آئين کي حبيب جالب   صبح- بي نور چئي ڪري رد ڪيو هيو۔

ایسے دستور کو صبح بےنور کو۔۔

میں نہیں مانتا۔۔میں نہی مانتا۔۔۔۔

حقيقت هي آهي ته ڪنهن به ملڪ جو نظام دستور ۽ آئين کان سواءِ نٿو هلي  سگهي ۔ قديم دؤر جون يوناني سلطنتون هجن  يا انهن جي جاءِ وٺندڙرومن سلطنتون هجن ۔يا اڃان به گهڻو گهڻو اڳ قديم بابل جي سلطان حمورابي جو قانون ( Humorabi code 1754 B.C) هجي، اهو ان ڳالھ جو بين ثبوت آھي ته قديمي دؤر  ڪنهن نه ڪنهن آئيني ۽ دستوري ڍانچي جا آئينه دار رهيا آھن۔ The sheild of Achilles  جي مصنف فلپ بابي جي بقول:     قديم دؤر جي جنگين جي نتيجي ۾ مخصوص آئيني   ڍانچا نروار ٿيا۔ ڇاڪاڻ جو آئيني سرشتو پنهنجي دؤر ۾ ٿيل آئيني  ۽ فوجي ايجادن جي مناسب استعمال سان اهميت حاصل ڪري ٿو ۔اهي امن معاهداجن وڏين  جنگين جو خاتمو آندو، تن آخرڪار رياستي معاشري ۾آئيني نظامن  کي متعارف ڪرايو۔ ۽ ھر آئيني نظام منفرد قسم جي حقيقي ۽قانوني بنيادن کي جنم ڏئي ٿو ( I.R.  dictionary )

پھرئين ۽ ٻي عالمگير جنگين کان پوءِ اقوام متحده جي معرض وجود ۾ اچڻ سان بين الاقوامي قانونن ۽ ملڪي آئين جي اهميت تمام گهڻي وڌي ويئي آھي ۔هاڻي آئين ۽ دستوري تقاضائن کي نظرانداز ڪرڻ ڪنهن  به اهڙي ملڪ لاءِ  ممڪن نه رهيو آھي جيڪو UNO جو رڪن ميمبرآھي۔ لهاذا وطن عزيز پاڪستان اندر آئين کي  آئين جي معنيٰ ۽ مفهوم سان ڏٺو وڃي ۔ ۽ان لاءِ سموري قوم اندر ۽تمام رياستي ادارن ۾ احترام جا بنياد رکيا وڃن  ۔ هونئن ته رياست جي سڀني ادارن اندر آئين لاءِ احترام ضروري آھي پر پارليامينٽ  جيڪا ان اداري جي ماءُ ۽ دائي( governess)  آھي، تنهن لاءِ ضروري آهي ته اها جمهوريت  جي بنيادي قدرن ۽ آئين جي انهن شقن جو تقدس قائم رکي جن تي انساني حقن ۽ قومي يگانگت جو بنياد آهي  افسوس اهوآھي  ته ائين نه ٿي سگهيو آهي ماضي جي هڪ جنرل آئين جي ڪتاب کي محض هڪ چؤپڙي  ۽ ڪتابڙو چئي آئين جي مذاق اڏائي  ۽ پوءِ سچ پچ به ان کي بازيچه اطفال ( child play ground) بڻايو ويو. (بقايا:

وڌيڪ افسوس ته اهو به آھي ته آئين جي خالق اسيمبلي پنهنجي ايام ڪاري ۾ ئي ان ۾ ترميمن جي قينچي  وڌي ۔۔تنهان بعد ضيائي دؤر جي ( snollygoster) بي اصول سياستڪارن جي تعاون سان آئين کي معجون مرڪب بڻايو  ويو۔  آئين قومي يگانگت جو آئينه دار رهڻ بجاء مذھبي دڪانداري جو مظھر بڻجي ويو۔ آئين جو لفظ ئي  دين جو مترادف المعني لفظ آھي۔ آئين جي ڪتاب کي  محض ڪتابڙو چوڻ ۽ ان جي بنيادي شقن ۾ ھيء ھوء ترميم ڪرڻ ايئن آھي جيئن   دين  جي صحيفي ۾ ڪلمات ( لفظن) کي پنهنجي اصل جاء تان هٽائي صحيفي اندر پنهنجو من پسند مضمون ڀرڻ۔ (  يحرفون الڪلم عن مواضع. القران) ۔۔۔عوام جي حقيقي نمائنده پارليامينٽ لاءِ ضروري آهي ته اها سڀ کان پهريائين آئين اندر قومي يگانگت  National  oneness کي  فروغ ڏيڻ لاءِ فوجي آمرن جي متعارف ڪرايل شقن کي ختم ڪري آئين کي ان جي اصل صورت ۾ بحال ڪري ۽ ان ۾ عدالت به  پارليامينٽ جو  ساٿ ڏئي.

هينئر دنيا گلوبلائيزيشن جي دؤر ۾ داخل ٿي چڪي آ ، ملڪ جي  دستور کي جديد جمهوري قدرن سان اهڙي طرح هم آھنگ رکيو وڃي ، جنهن سان ملڪ ۽ قوم کي بين الا قوامي سطح تي مان ملي سگهي ۔تنهان بعد آئين کي هڪ اهڙو مقدس صحيفو سمجهيو وڃي جنهن ۾ ڪنهن عالمي مجبوري کان سواءِ ڪا ترميم نه ڪئي وڃي۽ پوءِ بهر صورت آئين تي عمل ڪرڻ جي عادت وڌي وڃي ۔ائين ئي آئين جو احترام قائم رهي سگهندو.

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ جي نياڻين جو درد، حوصلو ۽ جاکوڙ…!

ڪامران چانڊيو سنڌ جون اهي نياڻيون جيڪي پيرين اگھاڙين سنڌ جي روڊن تي، پنهنجن پيارن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے