20 اربع , جون 2018

سياست ۾ اسٽيبلشمينٽ ۽ سياسي اڳواڻن جو ڪردار

رياض ابڙو

اوهان اها چوڻي ٻڌي   هوندي  ته ”نادان دوست کان داناءُ دشمن ڀلو آهي“ پر ساڳي وقت اهو به چيو  وڃي ٿو ته دشمن جو دشمن دوست ٿي سگهي ٿو ۽ محبت ۽ جنگ ۾ سڀ ڪجهه جائز آهي  ته وري ڪٿي اهو به تمام گهڻو مشهور آهي ته ڏاچي هڻي ڏهه ته توڏي هڻي تيرنهن سميت کوڙا سارا اهڙا سنڌي مهاورا به آهن جيڪي  وقت ۽ حالتن سان ڪيڏا نه ٺهڪن ٿا.

هن وقت ملڪ ۾ سينيٽ جي چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊن ۾ پيپلز پارٽي ۽ پي ٽي آءِ جي گڏيل طور اميدوار آڻي نواز ليگ جي سرواڻ ميان نواز شريف سان جيڪو ڪجهه ڪيو آهي اهو به الله جي ڪاغذ ۾ لکيل آهي ۽ ٻيو سينيٽ جي تاريخ ۾ لکجي چڪو آهي.

سينيٽ جي چونڊن ۾  اڳوڻي صدر ۽ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري ۽ پي ٽي آءِ  جي چيئرمين عمران خان جي نامزد  سينيٽ چيئرمين  صادق سنجراڻي 57   ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي ورتي ۽ ن ليگ ۽ اتحادين جي گڏيل اميدوار راجا ظفر الحق 46 ووٽ کڻي هارائي ويو ساڳي ريت ڊپٽي چيئرمين تي پ پ جي اميدوار  سليم مانڊوي واري  54 ووٽ کڻي ميدان ماريو سندس مد مقابل پختونخواهه ملي عوامي پارٽي جي عثمان ڪاڪڙ 44 ووٽ کڻي هارايو

ن ليگ ۽ اتحادين جا 48 ووٽ هئا پوءِ چونڊ واري ڏهاڙي ڪئين  هيڏي هوڏي هليا ويا، نواز شريف سان ڪنهن غداري ڪئي جو  حڪمران  ڌر جي سوڀ هار ۾ تبديل وئي. ڪي سياسي مبثر چئي رهيا آهن ته  نواز شريف سان پنهنجن ئي ماڻهن غداري ڪئي آهي ته ٻيا وري جي يو آءِ  جي منهن مٽڻ جو چئي رهيا آهن، خير اها ته هاڻي نواز شريف کي ڄاڻ  پئجي چڪي هوندي ته کيس هارائيندڙ  ڪيترا ڏاڍا مڙس آهن.

بهرحال سينيٽ چونڊن  اهو به ثابت ڪيو ته ڪالهه جا دشمن  اڄ دوست ٿي  هٿ ملائي سگهن ٿا ۽ اڄ جا دوست سڀاڻي دشمن ٿي سگهن ٿا يا وري ڪنهن به دشمن سان ملي سگهن ٿا. پارٽين  ۽ دوستن سان دوکو ڪرڻ يا هڪ پير تي ڦري وڃن ڪا نئين ڳالهه ناهي ، غداري جي به تاريخ ايتري پراڻي آهي جيتري دوستين جي تاريخ پراڻي رهي آهي.

اها ساڳي سپريم ڪورٽ آهي ۽ ساڳي قسم جا اهي سياسي ڪيس آهي جيڪي ڪرپشن يا سياسي سببن جي ڪري لڳندا رهيا، جن  کي پ پ اڳواڻ ۽  اڳوڻي وزير اعظم محترمه بينظير ڀٽو منهن ڏنو. نواز شريف وقت جي آمر  ۽ ڪرتن ڌرتن سان گڏجي ڪرايا، اهي ڪيس سڄي پيپلز پارٽيءَ لاءِ پريشانين جو سبب بڻيا. ان وقت بينظير ڀٽو  تمام گهڻو ڀوڳيو. اهڙين ڪيسن جي لوڙ آصف زرداري به لوڙي ۽ جيل ڪاٽيا،  ميمو اسڪيڊل کان ويندي معمولي کان معمولي چوري  جا ڪيس هجن انهن سڀني کي ن ليگ جي مخالفن پيپلز پارٽي وارن  منهن ڏنو .

خير اها پ پ ۽ ن ليگ جي اکٻوٽ جاري رهي وري جڏهن ميثاق جمهوريت تي صحيحون ڪيون ويون  ۽ اهو چيو ويو ته هاڻي ڪنهن آمر جي خواهش تي پاڻ ۾  سياسي يا ذاتي جهيڙو نه ڪبو. بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ پ پ جي حڪومت آئي ته نواز شريف ساڳيا ڪارا ڪوٽ پائي عدالتن ۾ پهتو  پ پ حڪومت خلاف بجلي جي لوڊشيڊنگ سميت ٻين معاملن تي سڄي پنجاب ۾ احتجاجي مظاهرا ڪرايا.

وري جڏهن ن ليگ جي حڪومت آئي ۽ پ پ ۽ ن ليگ ۾ ويجهڙائپ ٿي ته سياسي گرمي پڌ ڪجهه گهٽجي ويو ، آصف علي زرداري  کي رائيونڊ جي دعوت ڏني وئي  ملڪ جي  ٻن سياسي پارٽين ۾ ياراڻي ٿي وئي، ميان صاحب جي سڻڀن کاڌن تي دوستي جي نئين سري سان شروعات ٿي وئي.  آصف علي زرداري جڏهن اڳوڻي آرمي چيف پرويز مشرف خلاف سخت بيان ڏنو ته جيڪو چيو وڃي ٿو ته اهو ڏياريو به پاڻ نواز شريف هو پوءِ  نواز شريف هڪ پير تان ڦري ويو  ايتري تائين جو  مٿان کان اهڙي ڪا ڪن مهٽ ڪئي وئي جو آصف زرداري فونيون ڪري ڪري ٿڪجي پيو پر نواز شريف کيس کيڪاريو ئي نه. اهڙي صورتحال ۾ آصف زرداري پرڏيهه وڃي ويهي رهيو ۽ وقت جي انتظار ۾ رهيو جئين حالتون معمول تي اچن، نيٺ وقت اچي ويو ۽ آصف زرداري واپس ڏيهه آيو ۽ پنهنجي ڪرت سان لڳي ويو هن به اهو فيصلو ڪري ورتو ته هاڻ نواز شريف  کي باقاعدي منهن ڏنو ويندو.

ملڪ ۾ اهڙو سياسي منڊل جڙي ويو جو پ پ نواز  ليگ، پ پ ۽ پي ٽي آءِ  وارن هڪٻئي خلاف محاذ کولي ڇڏيا، شايد ڪو جلسو يا جلوس هجي جنهن ۾ ٽنهي پارٽين  جي سربراهن هڪٻئي جي خلاف سياسي تقرير سان گڏ ڪريل ٻولي نه استعمال ڪئي هجي ان جو رڪارڊ شاهد آهي ته ڪهڙي اڳواڻ ڪنهن تي  ڪهڙن الزامن  جي ڪهڙي بوڇاڙ ڪئي.

پي ٽي آءِ  ۽ پيپلز پارٽي وچ ۾ جنگ چوٽ چڙهيل هئي پر  جڏهن بلوچستان  ۾ ن ليگ جي حڪومت  ڊاهي  سينيٽ لاءِ حڪمت عملي جوڙي وئي ته بيڪ ڊور ٻنهي پارٽين وچ ۾ ٽئين ڌر ڪردار ادا ڪيو ۽ حالتون اهڙيون بڻجي ويون جو ٻئي ڌريون هڪٻئي لاءِ قابل قبول بڻجي ويون. سينيٽ ۾ چيئرمين بلوچستان مان آڻي پ پ جي ڊپٽي چيئرمين کي اٿاريو ويو  ۽ سڀني ڏٺو ته پي ٽي آءِ به پ پ اميدوار کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪري ورتو.

اهو خيال هاڻي ويتر مضبوط ٿي ويو آهي ته سياست ۾ اسٽيبلشمينٽ جو ڪردار رهندو آهي جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته شايد آصف زرداري ۽ عمران خان  هڪ پيج ته شايد نه اچي سگهن ها، 18 هين ترميم کان پوءِ سياسي اڳواڻ جيڪي پاڻ کي مضبوط ڪري انهن معاملن مان پاڻ کي آجو ڪرائڻ جي منصوبا بندي ۾ هئا ته وري اهڙو رڌڻي ۾ رولڙو پئجي ويو جو  ڇڙ وڇڙ ٿي ويا. جمهوري ادارا مضبوط ٿي سگهندا به الائي جي نه ؟  اڳئي ملڪ اندر جمهوريت ڪا اهڙي مضبوط ناهي ويتر سياسي اڳواڻن ۾ هڪٻئي خلاف شدت اچڻ ملڪ ۽ جمهوريت کي نقصان پهچائيندي. هون ئي هڪڙا پارليامينٽ تي لعنتون وجهي رهيا آهن ٻين کي سينيٽ جهڙي اداري ۾ هاڻي شرم ٿو  اچي.

ادارن جو ادارن سان ٽڪراءُ ۽ سياسي پارٽي جو سياسي پارٽي سان ٽڪراءُ  اڳواڻن جي ڄنڊا پٽ وارو ماحول آخر ڪٿي وڃي ڌنگ ڪندو. جيڪڏهن سياسي پارٽين هڪٻئي سان اهڙو ورتاءُ ڪيو ته پوءِ اهو ئي ٿيندو جيڪو هر ڏهين سال ٿيندو  رهندو آهي ۽ عزيز هم وطنو کي ڪير به اچڻ کان روڪي نه سگهندو ۽ وري ق ليگ جهڙي ڪا  پارٽي اچي ويندي. اهڙي صورتحال ۾ نوازشريف به جيڪو انقلابي ٿيڻ چاهي ٿو اهو به سياسي ميدان ۾ نه رهندو. جيڪي اسٽيبلشمينٽ جي ڪلهن تي چڙهي اڳتي اچي اقتدار ماڻڻ چاهين ٿا اهي به پنهنجي منزل تي ڪنهن عزت ڀرئي مقام سان نه پهچي سگندا، ڇاڪاڻ ته سڀاڻي وري انهن جو به وارو اچڻو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مائي ريحام خان جي ڪتاب جو ڇپائي کان اڳ ٿرٿلو

شبير  سوڍڙو ها ڳالهه پئي هلي مائي ريحام خان جي ۽ ان جي ڪتاب جي، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے