25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

مارڪسي فڪر جي اهميت

سجاد ظهير

بک، بيروزگاري ۽ بدحالي اڄ اسان وٽ سماجي ويڳاڻپ جو تمام وڏو مثال آهي، کوڙ سارا اسان جا دوست انهي ڳالهه جو اظهار ڪندا رهن ٿا ته 1990 ع کان پوءِ  دنيا جي مختلف ڪنڊڪڙڇ منجهان شڪست کائيندڙ سوشلسٽ تحريڪن کان پوءِ هاڻي سوشلٽ نظريو جٽاءُ ڪري نه سگهندو! هر سوچيندڙ کي پنهنجي راءِ ڏيڻ جو پورو حق حاصل آهي، مارڪس جي فڪر سان اختلاف رکڻ هڪ الڳ سوال آهي پر انهي تي اها راءِ مڙهڻ ته هيءُ نظريو هاڻي شڪست کائي چڪو آهي، هڪ ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته شڪست فرد کائيندا آهن نظريا شڪست ناهن کائيندا، جيڪڏهن اهي پهنجي فڪر ۾ عوام جي نمائندگي ڪندا هلندا، نه ته ٻي صورت اهي نظريا خيال بڻجي تاريخ ۾ دفن ٿي ويندا، مارڪس جو سچ انهي کان وڏو ڪهڙو هوندو ته هو پنهنجي ئي نظرئي جو عملي مظاهرو پنهنجي حياتي ۾ پئرس ڪميون جي صورت ڏسي ويو. مارڪس پاڻمرادو پئرس ڪميون جي 70 ڏينهن واري انقلاب سان اختلاف هجڻ باجود، هوءَ ان مان پراميد هئو ته هاڻي جيڪو انقلاب ايندو اهو 70 ڏينهن بجاءِ ان کان ٻيڻو هلندو. تاريخ هڪ ٻيو عمل 1917 ع ڌاري لينن جي قيادت ۾ بولشويڪ انقلاب جي صورت ۾ ڏنو. اسان پنهنجي خطي جو مثال وٺون ته سرمائيدار طبقو يا قومي جمهوري انقلاب جا کاٽائو ڪو هڪ عملي فرض به پورو ڪين ڪري سگهيا، جنهن سان جديد ٽيڪنالاجي جي ويڳاڻپ، غربت ۽ بُک جي راڪاس جي تضاد کي وڌائي رهيا آهن، 1968 ع ۾ ملڪ جون حالتون انقلابي هيون پر اسان وٽ انقلابي رياست جي سپورٽ بجاءِ سامراجي ملڪن ۾ن پناهه وٺڻ جي ڪري هتي انقلابي تحريڪن کي ڪاپاري ڌڪ رسيو ڇاڪاڻ جو رياست مذهبي ڌرين سان ٻٽ ٿي بيهي رهي

دنيا ۾ مارڪسٽ فڪر لينن جي قيادت ۾ اسري ۽ وڌي هي مارڪسزم جو سامونڊي گجگوڙ هئي جنهن جي خلاف پنهنجي قبيلن ۾ غدار پيدا ٿيڻ لڳا، لينن جي وفات کان پوءِ پارٽي جي جنرل سيڪريٽري ۽ سويت يونين جي صدر مارشل اسٽالن لاءِ اهو امتحان هو ته هو هڪ ئي وقت مارڪس جو فڪر ۽ انهن جي دشمنن سان ڪيئن ٿو منهن ڏئي، اسٽالين جي قيادت ۾ مارڪسزم نه رڳو وڌيو  اسٽالن پاران انهن سمورن غدارن کي نظرياتي جواب پڻ ڏنا ويا، جيڪي سامراج جي ڪڇ ۾ ويهي مارڪسزم جو سودو ڪري  رهيا هئا، عظيم ليڊر مارڪس جي فڪر کي نه رڳو بچائي ڏيکاريو پر مارڪس جو سڄ، سچ ڪري ڏيکاريو، انهيءَ انقلابَ 70 سالن کان وڌيڪ عمر ماڻي پُرامن طريقي سان عوام کي الوداع ڪيو. هتي هڪ ڳالهه کي سمجهڻ جي ضروت آهي ته مارڪسزم ۾ اهو ڪڙو سچ لڪيل آهي، جنهن جي خلاف سامراج مارڪس جي حياتي کان وٺي اڄ تائين ڊنل آهن، مارڪس انهي جو اظهار  عظيم پڌرنامي ”ڪميونسٽ ميني فيسٽو“  ۾ هن ريت ڪري ٿو

” اسان ڪميونسٽن کي ان خواهش لاءِ عطاب ڏنو ويو آهي ته اسان ماڻهوءَ جي پورهئي جي ڦل، شخصي ملڪيت ڪمائڻ جي حق، جنهن کي ملڪيت چيو وڃي ٿو ته شخصي آزادي، سرگرميءَ ۽ خود اختياري جو بنياد آهي، ان کي ختم ڪرڻ لاءِ سندرو ٻڌي بيٺا آهيون“.

اڄ مارڪس کي 2 صديون پوريون ٿيون آهن، سموري دنياد سندس ٻن صدين وارو جشن ملهائي پئي. ڏٺو وڃي ته مارڪس جي فڪر نه رڳو انساني شعور جي آبياري ڪئي آهي پر مارڪسي فڪر انساني تاريخ جا اهي انقلاب برپا ڪرڻ جي جيڪا سگهه ڏني آهي انهي جو ڪاٿو لڳائڻ ايڏو سولو نه آهي، جيترا هٿيار نظرياتي توڙي ذاتي ۽ شخصي بنيادن تي مارڪس ۽ انهي جي خلاف اُڀا ڪيا ويا آهن، ايترا دنيا جي تاريخ ۾ ڪنهن ٻئي نظرئي جي خلاف ڪون ٿا ملن. مذهب کان ويندي ڪڌن خيالن تائين مارڪسي فڪر هر محاذ تي ڀوڳيو آهي. مارڪس انهي سموري مخالفت باجود اهڙي نظرئي جو بنياد وڌو آهي جنهن کي تاريخ ڪڏهن به دفن نٿي ڪري سگهي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ڪو خيال ته دفن ٿي سگهي ٿو، جنهن جو نقطو پاڻ خود خيال جي پٺيان ڊوڙندو هجي، مارڪس جو فڪر هڪ جديد سائنس جدلي ماديت تي بيٺو آهي، هو جيڪا پچار پنهنجي فڪري اساس سان ڪري ٿو مارڪسزم جا بنياد انهي جدلي ماديت جي اڏام تي بيٺا آهي، مارڪس سرمائيدار جي لُٽ مار ۽ استحصال کي وائکو ڪيو مارڪس پنهنجي نظرئي جا بنياد سائنس تي رکي ٿو تڏهن ته تاريخ ۾ کيس سائنسي سوشلزم جو باني سڏيو وڃي ٿو، مارڪس، جنهن کي تاريخ ۾ هميشه ياد رکڻ لاءِ هڪ سائنسي فڪر جو نظريو ڏنو جيڪو پورهيتن جي بقا جو اهڃاڻ بڻيو، مارڪس اسان کي سمجهايو آهي ته مزدور جي اسان جي سماج ۾ ڪهڙي حيثيت آهي؟ نابرابري جي سماج جا ڪهڙا سبب آهن؟

ڪهڙو طبقو ڪهڙي ريت استحصال ڪري ٿو؟ مارڪس ٻڌايو ته استحصالي طبقو ۽ سرمائيدار هيءُ ٻئي ڪم جي وقت جو محدود اجورو ڏئي باقي پئسا هو ڪهڙي ريت هڙپ ڪن ٿا، سرمائيداري ۽ پورهيت وچ ۾ پهرين لڙائي ٿيندي ئي اُجرت وڌائڻ لاءِ آهي، جيڪا پوءِ وڌندي وڌندي سموري طبقاتي سماج جي خلاف ٿي ويندي آهي پورهيت طبقي کي ڪنهن به صورت ۾ هي سرمائيدارَ حق نه ڏيندا،  پورهيت کي پنهنجا حق پاڻ وٺڻا پوندا. اهي حق حاصل ڪرڻ لاءِ پورهيت کي عملي سگهه سان گڏ علمي سگهه به حاصل ڪرڻي پوندي. اهو ئي مارڪس جو فڪر آهي جنهن لاءِ مظلومن ۽ پورهيتن جي جدجهد جاري آهي، اچو ته مارڪس جي وڇوڙي واري ڏهاڙي تي کيس ريٽو سلام پيش ڪيون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ جي نياڻين جو درد، حوصلو ۽ جاکوڙ…!

ڪامران چانڊيو سنڌ جون اهي نياڻيون جيڪي پيرين اگھاڙين سنڌ جي روڊن تي، پنهنجن پيارن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے