24 آچر , جون 2018

سينيٽ جي ايوان ۾ آيل ٿر جي ”ڪرشنا ڪماري“

 زرار پيرزادو

  • ٽيون ڏينهن سينيٽ جي ايوان ۾ ٿري وڳو پهريل ڪرشنا ڪماري جو داخل ٿيڻ ملڪي تاريخ جو هڪ منفرد واقعو هو ۽ سڄي ميڊيا جي ڌيان جو مرڪز به ڪرشنا ڪماري هئي.
  • ڪرشنا ڪماري جڏهن سينيٽر طور ووٽ وجهڻ وئي ته زوردار نموني ڊيسڪ وڄائي سندس آجيان ڪئي وئي.
  • انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته سينيٽرن جي چونڊ ۾ هن سال سڀ کان منفرد چونڊ پ پ جي ٿرپارڪر سان واسطو رکندڙ هندو برادريءَ جي هڪ مسڪين عورت کي ٽڪيٽ ڏيڻ آهي.
  • ڪرشنا ڪماري جو شخصي خاڪو ٻڌائي ٿو ته هوءَ 1979ع ۾ ٿرپارڪر جي هڪ ننڍي ڳوٺ ۾ پيدا ٿي. سال 2013ع ۾ هن سنڌ يونيورسٽي مان سوشيالاجي ۾ ماسٽرس جي ڊگري ڪئي.
  • اسٽيبلشمينٽ پنهنجي ملڪ سان ڪهڙو ڪلور ڪيو آهي ۽ سنڌ جي سياستدانن تاريخي طور تي سنڌ جي وطن واري حيثيت وڃائڻ ۾ ڪهڙو ڪردار ادا ڪيو آهي تن جي غلطين جو هڪ ازالو ڇا ڪرشنا ڪماري ثابت ٿي سگهي ٿي؟.
  • اسٽيبلشمينٽ جيڪڏهن پنهنجي ملڪ سان سچي آهي ۽ اها ملڪ کي مضبوط ڏسڻ چاهي ٿي ته ان کي ٿري لباس سان سينيٽ ۾ داخل ٿيل ڪرشنا ڪماري کي ڏسڻ گهرجي.
  • جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ ننڍن صوبن ۽ ننڍن صوبن جي قومن کي پنهنجن فيصلائتي ادارن ۾ آڻيندو ته انهن کي 1940ع جي ٺهراءَ تحت قومي خودمختياري ڏيندو ته هي ملڪ مضبوط به ٿيندو ۽ تاريخي غلطين جو ازالو به ڪندو.
  • سنڌي سياستدانن تاريخي غلطين کان پوءِ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ پنهنجن پيرن تي جيڪا ڪهاڙي هنئي تنهن ۾ هندن کي سنڌ لڏڻ کان نه روڪي سگهڻ ۽ سنڌي هندن جي لڏي وڃڻ کان پوءِ ملڪي ۽ انتظامي ادارن ۾ وڃڻ کان سنڌين کي روڪڻ جي حڪمت عملي هئي.
  • جڏهن ادارا خالي هوندا ۽ سنڌين کي انهن ۾ وڃڻ کان روڪيو ويندو ته ظاهر آهي ته ڌاريا ان ۾ داخل ٿيندا ۽ پوءِ وري مٿو به پٽجي ته فيصلائتن ادارن ۾ سنڌين جي نمائندگي ناهي.
  • پر پوئين ڏهن سالن ۾ سنڌ جي حوالي سان تمام وڏي مثبت تبديلي آئي آهي. سنڌي پنهنجن ڳوٺن مان نڪرڻ کي هاڻي ”پرڏيهه“ نٿا سمجهن پر اهي ڪراچي سميت سڄي سنڌ کي پنهنجو ديس سمجهڻ لڳا آهن. نتيجي ۾ سنڌي ڳوٺن مان نڪري شهرن ۾ روزگار وٺڻ ۽ فيملي رهڻ شروع ڪيو آهي ۽ هاڻي سنڌي ڪراچيءَ ۾ ثقافتي ۽ ڪتابي ميلا به ڪن ٿا.
  • انهيءَ هاڪاري اڳڀرائي جو اتساهيندڙ ثبوت ڪرشنا ڪماري آهي جيڪا ٿرپارڪر جي مسڪين نياڻي هوندي سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهڻ لاءِ آئي، ماسٽرس جي ڊگري ماڻي ۽ هاڻي سينيٽ ۾ سينيٽر طور نه رڳو چونڊي آهي پر پنهنجي علائقائي ۽ ثقافتي سڃاڻپ سان داخل ٿي آهي.
  • سنڌين کي بلڪل ايئن ملڪي ۽ انتظامي ادارن ۾ اچڻ گهرجي ۽ جڏهن ملڪي ۽ انتظامي ادارن ۾ ڦڙي ڦڙي تلاءَ ٿيڻ واري نمائندگي حاصل ڪندا ته پوءِ سنڌ ۽ سنڌين جا سور به ختم ٿيندا.
  • ۽ اها سٺي ڳالهه آهي ته سنڌ جون قوم پرست جماعتون به هاڻي چونڊن ذريعي پارليامينٽ ۾ اچڻ جو سوچڻ لڳيون آهن جيڪو تجربو بلڪل به ٿيڻ گهرجي.
  • ڪرشنا ڪماري کي اهو تجربو ڪامياب ڪرائي ڏيکارڻو پوندو ۽ هوءَ اهو تجربو تڏهن ڪامياب ڪرائيندي جڏهن هوءَ پاڻ کي اعليٰ ايوان ۾ ويهڻ باوجود پاڻ کي روپلي ڪولهي جي ديس جي ماروي سمجهندي ۽ پنهنجي علائقي ۽ برادري کي ايوان ۾ ويهندي به ياد ڪندي رهندي.
  • ڪنهن ساڃاهه وند سنڌيءَ کانئس سوال ڪيو ته ملڪ جي اعليٰ ايوان ۽ سوسائٽي ۾ پهچڻ کان پوءِ اوهان ڇا ٿا محسوس ڪيو ته ڪرشنا وراڻيو ته ”مان پاڻ کي اڃا ڪارونجهر ۽ روپلي جي ديس ۾ ٿي محسوس ڪريان“.
  • پر نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته چوڻ وارا اهو به چون ٿا ته جيڪا ڪرشنا ڪماري پ پ جي ٽڪيٽ ۽ ٿرين سان زيادتي ڪندڙ حڪمرانن جي دعوت تي سينيٽ ۾ آئي آهي تنهن مان ڪنهن ڀلائي جي اميد ڪرڻ بي وقوفي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

کنڀڻ ۽ گم ڪرڻ وارو سلسلو آخر ڪيستائين؟

رحمت علي تنيو سڄي ملڪ ۾ نامعلوم ماڻهن هٿان ماڻهن کي کنڀڻ ۽ کين گم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے