24 سومر , سيپٽمبر 2018

لنڊن ڊائري

خواجا معين الدين سيد

اڄ ڪلهه لنڊن ۾ سيءُ پنهنجي اوج تي آهي، جيتوڻيڪ گذريل هفتي کان شروع ٿيل برف باري هاڻي ختم ٿي چڪي آهي پر تنهن هوندي به موسميات کاتي پاران وري ايندڙ هفتي برفباريءَ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، جنهن پڻ لنڊن جي ماحول کي سرد بڻائي ڇڏيو آهي.

لنڊن ۾ اهڙي شديد سرديءَ ۽ برفباريءَ جي هوندي به سياسي ۽ سماجي سرگرميون عروج تي رهيون. عورتن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان وڪٽري هال الفريڊ اوڀر لنڊن ۾ هڪ شاندار تقريب ٿي جنهن ۾ پيپلز پارٽيءَ برطانيه جي صدر محسن باري، پيپلز پارٽي لنڊن جي صدر ميان سليم ۽ آصف علي خان پنهنجي گهر ڀاتين سميت شرڪت ڪئي. انهيءَ موقعي تي پيپلز پارٽي برطانيه جي صدر انجم جرال ۽ جنرل سيڪريٽري سميعه علي ۽ ٻين ڪيئي عورتن پڻ شرڪت ڪئي.

انهيءَ موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪيو ۽ پيپلز پارٽيءَ جي پيلٽ فارم تان عورتن لاءِ ڪيل جدوجهد تي روشني وڌي ۽ پيپلز پارٽيءَ جي شهيد قائد بينظير ڀٽو ۽ مسلم دنيا جي پهرين وزير اعظم جي حيثيت ۾ شهيد بينظير ڀٽو سڄي دنيا جي عورتن لاءِ جيڪا جدوجهد ڪئي ان تي تفصيل سان روشني وجهندي کيس شاندار خراج تحسين پيش  ڪيو، انهيءَ تقريب ۾ وڏي انگ ۾ مهمانن شرڪت ڪئي.

ٻه ڏينهن اڳ پاڪستان ۾ سينيٽ جي چونڊ ٿي گذري ۽ انهن چونڊن ۾ برطانيه جي ٻن اڳوڻن شهرين ۽ پاڪستان مان آيل هڪ مريض اميدوار پڻ حصو ورتو، چونڊن ۾ حصو وٺندڙ انهن ٽنهي اميدوارن مان ٻن اميدوارن کي ڪاميابي حاصل ٿي جڏهن ته هڪ اميدوار ڪامياب ٿي نه سگهيو. سينيٽ جي چونڊن جي حوالي سان برطانيه ۾ پاڪستان سان تعلق رکندڙ برطانوي شهرين جي زبان تي آصف علي زرداريءَ جو ذڪر عام آهي ۽ هو سندس سياسي فهم ۽ فراست جا قائل ٿي ويا آهن، جڏهن ته انهن سڀني ماڻهن کي سخت مايوسي ٿي جيڪي زرداريءَ کي سياست مان مائينس ڪرڻ پيا گهرن.

مون کي ذاتي طور تي سينيٽ جي چونڊن ۾ سنڌ مان ايم ڪيو ايم جي شڪست تي خوشي ٿي آهي اهڙي ئي نموني پختونخواهه ۾ پيپلز پارٽيءَ جي فتح تي ماڻهن کي خوشي ٿي آهي، سينيٽ جي هاڻوڪين چونڊن ۾ جهڙي نموني سياستدانن کي شڪست نصيب ٿي آهي ان تي ماڻهو ڪافي حيران ٿيا آهن، ڇو؟ جو سينيٽ جي چونڊن ۾ سياستدانن کي مليل شڪستون غير متوقع آهن.،

برطانيه ۾ پاڪستان سان تعلق رکندڙ عيسائين شيراز خان جي قيادت ۾ برطانيه جي وزير اعظم  جي رهائش گاهه 10- ڊائونگ اسٽريٽ تي هڪ پر امن مظاهرو ڪيو ۽ وزير اعظم ٿريسامي کي شيراز خان جي سربراهيءَ ۾ جوڙيل هڪ ڇهه ميمبرن تي ٻڌل ڪميٽيءَ پاران هڪ پٽيشن پيش ڪئي وئي، اهڙي ڇهه رڪني ڪميٽيءَ ۾ عامر هارون، ايسر داس، پاسٽر اجمل چغتائي، جان باسڪو ۽ اسٽيفن پيٽر شامل هُئا. جڏهن ته مظاهري ۾ برطانيه جي ڪجهه ٻين شهرن جهڙوڪر برمنگهم، برسٽول، ڪنورٽي سلوگ ۽ مانسچٽر مان پڻ ڪيئي ماڻهو شرڪت لاءِ آيل هُئا،

مظاهرين جي مطالبن ۾ شامل ڪجهه اهم مطالبا هي هُيا،

– پاڪستان ۾ توهين عدالت جي قانون جي غلط استعمال کي روڪڻ لاءِ حڪومتي سطح تي اپاءَ ورتا وڃن،

– پاڪستان ۾ مذهبي اقليتن کي برابر يءَ جي بنياد تي حق ڏيندي انهن خلاف سماجي سطح تي امتيازي ورتاءُ بند ڪيا وڃن.

توهين رسالت جي هڪ هاڻوڪي ڪيس ۾ گرفتار ساجد مسيح کي ايف آءِ اي جي جاچ ڪميٽي پنهنجي سوٽ پطرس مسيح سان بدفعلي ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو، جنهن ڪري ساجد مسيح ڇوٿين ماڙ تان ٽپو ڏئي خودڪشي ڪري ڇڏي، مظاهرين پاڪستان سرڪار کان انهيءَ واقعي جي جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ،

مظاهرين برطانيا سرڪار کان پڻ گهر ڪئي ته برطانيا سرڪار پنهنجو  سفارتي اثر استعمال ڪري پاڪستان حڪومت تي دٻاءُ وجهي ته جيئن ساجد ۽ پطرس مسيح لاءِ انصاف حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي.

انهيءَ موقعي تي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي سينيئر ميمبر آصف علي خان پاڪستان جي اقليتن سان ايڪتا جو اظهار ڪندي چيو ته، ”پيپلز پارٽي هميشه مظلومن سان گڏ رهي آهي ۽ اڄ به ان جو منشور اهو آهي ته پاڪستان ۾ سمورن شهرين کي برابر جا حق حاصل هجن“.

انهيءَ موقعي تي پ پ پ منارٽي ونگ جي صدر  آشر مل آيل سمورن مهمانن لاءِ ريفريشمينٽ جو بندوسبت ڪيو هو.پ پ وومن ونگ لنڊن جي اقليتي مامرن جي ڪوآرڊينيٽر استر داس صاحبه انهيءَ مظاهري کي مينيج ڪندڙ ٽه رڪني ڪميٽيءَ جي ميمبر طور اهم ڪرادر ادا ڪيو.

هن هفتي اوڀر لنڊن ۾ لوڪ فائونڊيشن برطانيه جي انتظام هيٺ عورتن جي عالمي ڏينهن ۽ عاصمه جهانگير جي حوالي سان هڪ تقريب پڻ ٿي، تقريب جون روح روان تنوير زمان، نزهت عباس ۽ سميعه علي هيون. پروگرام ۾ لنڊن جي مختلف علائقن کان آيل سڄان عورتن جي هڪ وڏي انگ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ پيپلز پارٽي برطانيه جي صدر محسن باريءَ خطاب ڪندي عاصمه جهانگير کي زبردست پيٽا پيش ڪئي، انهيءَ موقعي تي هُن عورتن جي حقن جي حوالي سان شهيد بينظير ڀٽو ۽ پيپلز پارٽيءَ جي ڪوششن تي روشني وڌي ۽ چيو ته شهيد بينظير ڀٽو مسلم دنيا جي پهرين عورت وزير اعظم هُئي جنهن سڄي دنيا جي مظلوم عورتن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي ۽ اهڙي نموني پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي پليٽ فارم تان ئي اسان مسلم دنيا جي پهرين عورت اسپيڪر فهميده مرزا  کي ايوان تائين پهچايو، جڏهن ته پيپلز پارٽي پنهنجي گذريل دور ۾ عورتن جي حقن کي تحفظ فراهم ڪرڻ لاءَ “ وومن پروٽيڪشن بل” ايوان مان منظور ڪرايو، جڏهن ته سينيٽ جي هاڻوڪين چونڊن ۾ سنڌ جي اقليتن مان هڪ نوجوان خاتون ڪرشنا ڪولهي کي سينيٽ جي چونڊن ۾ ڪامياب ڪرايو.

انهي موقعي تي سميعه علي، ميان اسلم ۽ ٻين پڻ خاطب ڪيو ۽ محترمه بينظير ڀٽو ۽ عاصمه جهانگير کي خراج عقيدت پيش ڪيو.

4- اپريل شهيد ڀٽو جي شهادت جو ڏينهن آهي انهيءَ انهيءَ سلسلي ۾ پ پ برطانيه پاران برطانيه جي اهم شهرن ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي شهادت واري ڏينهن تي خاص تقريبون منعقد ڪرڻ جو فيصلو پڻ ڪيو ويو، پ پ برطانيه جي صدر محسن باري، سينيئر صدر خواجه ڪليم ۽ پ پ  لنڊن جي صدر ميان سليم ۽ نوجوان اڳواڻ آصف علي خان جي متحرڪ ڪردار کي ساراهيندي چيو ته اميد آهي ته هاڻي پ پ  جي سرگرمين ڪري ٻيا ڪارڪن به سرگرم ڪردار ادا ڪندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گھڻ براعظمي ايشيائي دنيا خلاف يورپي-آمريڪي براعظمي سرمائيداري جارحيت

پريم مٿراڻي ٻي مهاڀاري لڙائي کانپوءِ، خاص طرح ايشيا ڇو عالمي سماجي سياسي ۽ معاشي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے