24 آچر , جون 2018

اڃارا اڃارا سنڌوءَ جا ڪنارا‎

گلزار ملاح

اهو سنڌو درياهه جيڪو صدين کان نه رڳو سنڌ جي سڃاڻپ رهندو آيو آھي، پر سنڌ جي خوشحالي جو سبب به سنڌو درياهه جو اڪيچار پاڻي ئي آھي، جيڪو پاڻي هزارين ميل سفر ڪري واهڻ وستيون لتاڙي جڏھن سنڌ جي سيني کي سيراب ڪندو هو، تڏھن ڌرتي جي گولي تي سنڌ واحد ڌرتي هُئي جيڪا دنيا ۾ رهندڙ ٻين قومن کان وڌيڪ خوشحال ڌرتي هُئي، سنڌو درياهه ائين کڻي چئجي ته سنڌي قوم جي جياپي جو اهم ذريعو رهندو پيو آيو آھي،

سنڌ جي خوشحالي ۽ اميري تي سدائين ڌارين غاصبن لُٽيرن کي حرس رهندو آيو ٿي، انهن غاصبن لُٽيرن جون نظرون سدائين سنڌ جي ان دولت تي هونديون هُيون جيڪا دولت درياهه جي ئي پاڻي سبب سنڌ کي امير ڪندي ٿي آئي، سنڌ سدائين ڦرجي ۽ لٽجندي رهي پر سنڌ وري پنهنجي پيرن تي بيهندي هُئي، وري درياهه جو لهرون سنڌ جي زمينن کي سيراب ڪنديون هُيون ۽ باندي بڻايل قوم جي هارين نارين جي مرجهايل چهرن تي مرڪون موٽي اينديون هُيون، سنڌ پنهنجي پوري پنج هزارها سال ۾ جيڪي ڌارين جو للڪارون ڏٺيون آھن، جيڪڏهن ٻي ڪا قوم ائين سنڌ جيان اهڙن غاصبن جي سوين سالن جي قبضي مان نڪري ڪنهن ٻئي غاصب جي هٿان لُٽجي ها ته شايد خوشحالي سان گڏ اها قوم به تباهه ٿي وڃي ها، پر سنڌ هُئي جنهن کي سنڌو درياهه سدائين سائو ڪندو آيو ٿي،

اها سنڌ جيڪا سنڌو درياهه تي ناز ڪندي هُئي، هاڻ نه رڳو سنڌ پر خود سنڌو درياهه جا ڪنارا به ڄڻ ٿر جي ڀٽن جيان پياسا ٿا لڳن،  سنڌو درياهه رڳو زراعت جو اهم ذريعو نه آھي، پر سنڌ جي ڪيترن ئي آبي جيوت جو جياپو به سنڌو درياهه تي ئي آھي،  اهو سنڌو درياهه جيڪو نه رڳو سنڌ جي زمينن کي سيراب ڪندو هو، پر سنڌ جي ماڻهن لاءِ هڪ اهڙو شاهراهه هُيو، جنهن دريائي شاهراهه تان هتان جا ماڻھو دنيا جي ٻين ملڪن ۾ واپار لاءِ ويندا هُئا،

رگ ويد جي شلوڪن ۾ اهم جاءِ والاريندڙ سنڌو درياهه جي اڄ جي حالت ڏسجي ٿي ته اکيون ڀرجي وڃن ٿيون، هماليا کان گجگوڙ ڪري سنڌ جي زميون سيراب ڪري کي سنڌ جي مٽيءَ جي اڃ اجهائي سنڌي سمنڊ جي کاري پاڻيءَ جي پنهنجي مٺي پاڻي  سان اُڃ اجهائيندڙ درياهه جو ٻيٽ اڄ خود ٿر جي ڀٽن جيان پياسو ٿو لڳي،

درياهه جي اڃايل ڪنڌيءَ تي غربت جي ڄار ۾ ڦاٿل هڪ جهوني مهاڻي سان جڏھن سندس غربت جو حال پڇيم ته ٿڌو ساهه ڀري آلين اکين سان ائين ڳالھه شروع ڪيائين جيئن ڪو جهور پوڙھو جوان پُٽ جي موت تي نوحه گر هجي، واقعي به اهو درياهه ته هو جيڪو نسلن کان سندس گهر ۾ خوشحالي جي منادي کڻي ايندو هو، جيسين درياهه جي منهن تي ڊيم نه ٻڌا هُئا تيسين نه رڳو سنڌ سائي هُئي پر درياهه جي ڪنڌي تي اداس ويٺل مهاڻي جي گهر ۾ به ڄڻ لڇمي هُئي، پوءِ درياهه جو سينو اڃارو ٿيو ته نه رڳو زراعت کي ڪاپاري ڌڪ لڳو پر مڇي جي واپار تي گذران ڪندڙ مهاڻا به بيروزگار ٿيا،

وڏين ٻيڙين جا اڀا سڙھ هيٺ جهڪي پيا، ڄار گهر جي ڪنڊ ۾ رکيا ويا، يا ته ٻيڙيون کپايون ويون يا ته سُڪي تي رکيل ٻيڙين کي اڏوهي کائي وئي،

مهاڻي کي ڏُک رڳو سندس برادريءَ جي غربت جو نه هو پر هُن کي اهو به افسوس هيو ته ڪيترين ئي  مڇين جا قسم پاڻي جي کوٽ سبب ختم ٿيندا وڃن، درياهه جي سڃاڻپ پلي جي نسل کي به هاڻ خطرو آھي،

بقول سندس ته ڌاڙيلن جي بهاني ڪيترائي وڻ ٻيلا وڍيا ويا، جيڪي ٻٻر ڪنڊيءَ جا وڻ درياهه جي ڪنڌي کي سونهن بخشيندا ٿي آيا سي به پاڻي نه هئڻ ڪري سڪي ويا آھن، جانورن جا چراگاهه ختم ٿي ويا، ٻيلن ۾ رهندڙ جهنگلي جانورن جو به ڪافي نسل ختم ٿي ويو آھي، آبڪلياڻي جي موسم ۾ جيڪو درياهه گجگوڙ ڪري وهندو هُئو هاڻ اهو درياهه سانوڻ جي مند ۾ به پنهنجي اندر ۾ خاموشيء سان  وهي ٿو، درياهه تي ڊيم ٻڌڻ سان نه رڳو زراعت کي ڌڪ لڳو آھي، رڳو مهاڻا بيروزگار نه ٿيا آھن، پر ٻيلا آبي جيوت جو نسل به ختم ٿي ويو آھي،

اهو درياهه جيڪو پنهنجي پوري طاقت سان سمنڊ کي اڳتي وڌڻ کان روڪيندو هو، هاڻ ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ درياهه جي ٻيٽ ۾ واري اڏامندي نظر ٿي اچي، سمنڊ کي اڳتي وڌڻ کان روڪيندڙ درياهه ۾ پاڻي نه هجڻ ڪري سمنڊ ڏينهون ڏينهن اڳتي وڌندو ٿو اچي، موسميات جا ماهر ان خيال جا آھن ته جيڪڏهن سنڌو ۾ پنهنجي حصي جو پاڻي ڇوڙ نه ڪيو ويو ته 50 سالن کانپوءِ ٺٽو ۽ بدين ۽ ڪراچي شايد سنڌ جي نقشي تي موجود نه هجن،

اهو ٺٽو جتان ڪڏھن چانورن جي خوشبو ايندي هُئي هاڻ چانور اپائيندڙ زمينون درياهه جو پاڻي نه اچڻ ۽ سمنڊ جو اڳتي وڌي اچڻ ڪري بنجر ٿي ويون آھن،

سنڌو درياهه رڳو سنڌ کي پنهنجو نالو ڏئي، سنڌ جي سڃاڻپ ناهي ڏني پر سنڌ جي خوشحالي جو دارومدار به انهيءَ درياهه جي پاڻي تي هو،

هڪ طرف درياهه ۾ پاڻي نه هجڻ ڪري سنڌ جو لاڙ وارو پاسو تباهه ٿيندو پيو وڃي، ٻئي پاسي سرڪار ڪڏھن ڪڏھن ڪالاباغ  جهڙو اجگر ڊيم ٺاهڻ جو ڳالهيون ڪندي ٿي رهي،  اهو سنڌو درياهه جنهن جي موج ۽ مستي جو ذڪر نه رڳو رگويد ۽ تاريخي ڪتابن ۾ شان ۽ شوڪت سان ڪيو ويو آھي، پر شاعر به سنڌوءَ جي ڇولين کي شاعري ۾ معتبر جاءِ ڏيندا ٿي آيا،  اهو سنڌو درياهه جنهن جي دهشت جا ماضي ۾ قصيدا ٿي ڳايا ويا، اڄ ان ئي سنڌو درياهه جا وارث پاڻي ناهي ڇو ڀلا ڪربلا ڪربلا جا نعرا ٿا هڻندا رهن،

ضرورت ان ڳالھه جي آھي ته سرڪار کي انهن پاڻي ٺاھ/ معاهدن تي جلد از جلد عمل ڪري سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏئي سنڌ جي آبي جيوت ٻيلن ۽ سنڌ جي زراعت کي بچائڻ گهرجي، گڏوگڏ لاڙ کي سمنڊ جو کاڄ ٿيڻ کان بچائجي، جيڪڏهن اڄ انهن معاهدن تي عمل نٿو ٿئي ته سڀاڻي ٿي سگهي ٿو ته حالتون سنگين ٿي وڃن، ڇاڪاڻ جو سنڌو درياهه سان ئي سنڌ آھي ۽ سنڌ ئي اسان جي جند آھي،

هي به ڏسي سگهو ٿا

کنڀڻ ۽ گم ڪرڻ وارو سلسلو آخر ڪيستائين؟

رحمت علي تنيو سڄي ملڪ ۾ نامعلوم ماڻهن هٿان ماڻهن کي کنڀڻ ۽ کين گم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے