19 اڱارو , جون 2018

رپورٽ | ڪوٽڙي: ڪراچي واهه گندو پاڻي ڇوڙ، شهري بيمارين ۾وٺجي ويا!

ڪوٽڙي سائيٽ جي انتظاميا پاڻي ڪميشن جي سربراهه جا حڪم هوا ۾اڏائي ڇڏيا آهن، ڪراچي واهه ۾ڪارخانن جي زهريلي پاڻي جو ڇوڙ جاري آهي.

ملن جو گندو پاڻي بنا ٽريٽ ڪرڻ  جي ڪراچي واهه ڇوڙ ڪيو پيو وڃي، زهريلو پاڻي واپرائڻ سبب ڪيترائي ماڻهو بيمارين ۾وٺجي ويا آهن.

ڪروڙن رپين جي لاڳت سان ٺھيل ٽريٽ منٽ پلان ھجڻ باوجود ملن مان نڪرنڌڙ زهريلو پاڻي واهه ۾ڇوڙ ڪرڻ تي رهواسين ۾بيچيني پکڙيل آهي.

ان حوالي سان عوامي آواز ٽي وي سان ويچار ونڊيندي رهواسين جو چوڻ هو ته  ڪراچي واهه ۾زهريلو پاڻي ڇوڙ ڪيو پيو وڃي، جنهن سبب هو مختلف بيمارين ۾وٺجي ويا آهن.

رهواسين جو چوڻ آهي ته ڪراچي واهه ۾ڇوڙ ٿيندڙ زهريلي پاڻي جي بدبو سبب هو واهه جي ڀرسان بيهي به نٿا سگهن.

رهواسين جو چوڻ آهي ته زهريلو پاڻي واپرائڻ سبب ھيپاثائيٽس سميت مختلف بيمارين ۾وٺجي ويا آهن پر سائيٽ انتظاميا ان معاملي تي ڳالهائڻ لاءِ به تيار ناهي.

شهرين جو چوڻ هو ته پاڻي ڪميشن جي سربراهه جا حڪم هوا ۾اڏيا ويا آهن، هنن مطالبو ڪيو ته  ماڻهن کي زهريلو پاڻي فراهم ڪرڻ جو نوٽيس وٺي، ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪري کين بيمارين کان بچايو وڃي.

نويد راڄپوت عوامي آواز ٽي وي ڪوٽڙي

هي به ڏسي سگهو ٿا

Witnesses who attacked the Tando Adam, attacked the villagers, arrested again

نيوز: ٽنڊي آدم ڀرسان جوابدار جو شاهدي ڏيندڙ ڳوٺاڻن تي حملو ، ٻيهر گرفتار

 ٽنڊي آدم ڀرسان جوابدار جيل مان آزاد ٿيندي شاهدي ڏيندڙ ڳوٺاڻي تي حملو ڪري ڏنو، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے