24 خميس , مئي 2018

روهنگيا مسلمانن خلاف فيس بُڪ اهم ڪردار ادا ڪيو

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) ميانمار ۾ روهنگيا مسلمانن جي قتل عام جي جاچ ڪندڙ گڏيل قومن جي انساني حقن جي ماهرن چيو آهي ته ان بحران جي حوالي سان مشهور سوشل ميڊيا ويب سائيٽ فيس بُڪ نفرت پکيڙڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. گڏيل قومن طرفان ميانمار ۾ حقيقتن جو پتو لڳائيندڙ خود مختيار عالمي مشن جي سربراهه مرزوقي داروسمان صحافين کي ٻڌايو ته اهو تڪرار پکيڙڻ ۾ سماجي رابطن جي ويب سائيٽس مک ڪردار ادا ڪيو. ميانمار لاءِ گڏيل قومن جي تحقيق ڪار يانگي لي جو چوڻ هو ته ميانمار ۾ ماڻهن جي زندگي ۾ فيس بُڪ جو وڏو عمل دخل آهي، جتي ان ويب سائيٽ غريب ملڪ جي مدد ڪئي، اتي ئي وري ان کي نفرت پکيڙيندڙ مواد لاءِ به استعمال ڪيو ويو. سڀني کي خبر آهي ته شدت پسند قوم پرست ٻڌسٽ عنصرن جا فيس بُڪ تي ذاتي صفحا آهن ۽ اهي ماڻهو عملي طور روهنگيا ۽ ٻين اقليتن خلاف حد کان وڌيڪ نفرت ۽ تشدد تي ٻڌل جذبا پکيڙيندا آهن. ڄاڻايل ماهرن طرفان سومر ڏينهن اهڙي تنقيد جي جواب ۾ فيس بُڪ ڪمپني طرفان ڪو ردعمل سامهون ناهي آيو. فيس بُڪ جنوري ۾ ميانمار جي انتهاپسند اڳواڻ “ويراٿو” جو اڪائونٽ نفرت جوڳي مواد سبب ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو. واضح رهي ته گذريل سال آگسٽ ۾ ميانمار ۾ سيڪيورٽي آپريشن جي نتيجي ۾ راکين صوبي ۾ ساڍا 6 لک کان وڌيڪ روهنگيا ملسمان فرار ٿي بنگلاديش هليا ويا هئا. ميانمار جي سيڪيورٽي فورسز طرفان آپريشن دوران ڪيترن ئي ماڻهن کي موت جي ننڊ سمهاريو ويو ۽ عورتن جي بي حرمتي جون خبرون به سامهون آيون.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

هاڻي صرف هڪ ڪلڪ سان فيس بڪ کان واٽس ايپ تي پوسٽ شيئر ڪيو

ڪيليفورنيا(ويب ڊيسڪ)سماجي رابطي جي ويب سائيٽ فيسبڪ هڪ اهڙي فيچر تي ڪم ڪري رهي آهي، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے