24 خميس , مئي 2018

ڀارت ۾ پاڪستاني سفارتڪارن کي هراسان ڪرڻ جو سلسلو جاري، پاڪستان جو احتجاج

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ پاڪستاني سفارتڪارن کي هراسان ڪرڻ جا وڌيڪ ٻه واقعا پيش آيا آهن، جنهن تي پاڪستاني هاءِ ڪميشن اهو معاملو ڀارتي پرڏيهي وزارت اڳيان اٿاريندي احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي. رپورٽن موجب ڀارت جي تخت گاهه نئين دهلي ۾ پاڪستاني سفارتڪارن ۽ سندن گهرڀاتين کي مختلف طريقن سان هراسان ڪرڻ جو سلسلو هڪ هفتي کان جاري آهي، جڏهن ته ڀارتي پرڏيهي وزارت ان ۾ ملوث پنهنجي ڳجهين ايجنسين جي اختيارين کي روڪڻ ۾ ناڪام نظر اچي رهي آهي. سفارتي ذريعن موجب نئين دهلي ۾ مقرر هڪ سينيئر سفارتڪار جي گاڏي کي هڪ ڪار بيهاريو ۽ سندس گاڏي کي اڳتي وڃڻ نه ڏنو ويو، پوءِ رستو روڪيندڙ ڪار مان هڪ شخص لهي سفارتڪار جي تصوير ڪڍي. ٻئي واقعي ۾ پاڪستاني سفارتڪار جي گاڏي کي بيهاري سندس ٻارن کي هراسان ڪيو ويو. مصروف شاهراهه تي پاڪستاني اهلڪار جي گاڏي اڳيان ٻي گاڏي آڻي ان کي روڪيو ويو. پاڪستاني هاءِ ڪميشن اهو معاملو هڪ ڀيرو ٻيهر ڀارتي پرڏيهي وزارت اڳيان اٿاريو آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڌرڻن وقت صبر کان ڪم ورتو: نواز شريف

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته 2014 جي ڌرڻن وقت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے