25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

جوتا اڇلائڻ وارن واقعن جي مذمت، سڀني کي گڏجي سوچڻ گهرجي: راڻا ثناءُ الله

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته ڪنهن به سياسي شخصيت تي جوتو اڇلائڻ جي حمايت نٿي ڪري سگهجي، حالتن تي ضابطو نه آندو ويو ته ڪير به “جوتا ڪلب” ميمبر بڻجڻ کان نه بچي سگهندو. خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله گجرات ۾ عمران خان جي تقرير دوران جوتو اڇلائڻ واري واقعي تي پنهنجو ردعمل ڏيندي چيو ته اهڙي ڪريل حرڪت جي اڳ به مذمت ڪئي وئي ۽ اڄ به مذمت ڪئي ويندي، ڪجهه عرصي کان ملڪ ۾ جهڙي ريت جوتا هڻڻ جو رحجان وڌي رهيو آهي، جيڪڏهن ان تي ضابطو نه آندو ويو ته اهڙو واقعو ڪنهن سان به پيش اچي سگهي ٿو. سندس چوڻ هو ته اهڙن واقعن تي سڀني سياسي پارٽين کي گڏ ويهي سوچڻ جي ضرورت آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومن کي مداخلت جو ڪو حق ناهي: ميانمار فوجي سربراهه

نائپيدا (ويب ڊيسڪ) ميانمار فوج جي سربراهه چيو آهي ته گڏيل قومن جي اسان جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے